240

عراق ۾ مظاهرو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ چڪريون، 5 ڄڻا مارجي ويا، 175 زخمي

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي ڏکڻ واري شهر ناصريه ۾ مظاهرو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ 5 مظاهرو ڪندڙ مارجي ۽ 175 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. رپورٽن مطابق عراق جي انساني حقن بابت هاءِ ڪميشن جي ميمبر علي بياتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز صوبائي حڪومت جي عمارت تي حملو ڪندڙ مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي جڏهن ته 175 زخمي ٿي پيا آهن. هن ٻڌايو ته مظاهرو ڪندڙ 2019ع ۾ ٿيل مظاهري دوران قتل عام تي گورنر جي برطرفي ۽ انصاف جو مطالبو ڪري رهيا هئا. واضح رهي ته آڪٽوبر 2019ع ۾ شروع ٿيل هڪ مظاهري ۾ اٽڪل 500 ماڻهو مارجي ويا هئا جنهن تي وزيراعظم عبدالمهدي کي استعفيٰ ڏيڻي پئجي وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو