160

27 فيبروري تي هوائي فوج جي لاجواب ڪاروائي تي پاڪستاني قوم کي فخر آهي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور چيو آهي ته 27 فيبروري تي پاڪستان جي هوائي فوج جي لاجواب ڪاروائي تي سموري پاڪستاني قوم کي فخر آهي، پاڪستان ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان جي هوائي فوج جي جوابي ڪاروائي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج پيشيوراني مهارت جي حوالي سان پنهنجو خاص مقام رکي ٿي، ايل او سي تي جنگ بندي معاهدي جي بحالي هاڪاري اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته ڀارت جنگ بندي معاهدي جو ڪنهن حد تائين احترام ڪري ٿو، وزيراعظم عمران خان هميشا واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت امن لاءِ قدم کڻندو ته پاڪستان ٻه قدم کڻندو، بهادر ڪشميري پنهنجي خوداراديت جي حق لاءِ پرعزم آهن، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڀارت کي ڪشميرين جو خوداراديت وارو حق ڏيڻو پوندو، ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ڪرايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو