واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته رپوٽون مليون آهن ته انتهاپسند هڪ دفعو وري پارليمينٽ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. آمريڪا جي ڪيپيٽل پوليس جي اڳواڻ يوگانندپٽمين چيو آهي ته انتهاپسند پارليمينٽ جي عمارت تي حملو ڪرڻ سان گڏ ڪجهه پارليمينٽ ميمبرن کي قتل به ڪرڻ چاهين ٿا. پٽمين چيو آهي ته ٽرمپ جا حامي انتهاپسند آهن جن ماضي ۾ پارليمينٽ تي حملو ڪيو هو، هاڻي ڪجهه پارليمينٽ ميمبرن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. هن چيو ته انتهاپسند اها ڪارروائي جوبائيڊن جي ڪانگريس ۾ ٿيندڙ خطاب ۾ ڪرڻ چاهين ٿا، ٽرمپ جا حامي انتهاپسند ڌماڪي جو به منصوبو بڻائي رهيا آهن جڏهن ته اڃا تائين جوبائيڊن جي خطاب جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو . ڪانگريس پوليس جي اڳواڻ يوگانند پٽمين جو چوڻ آهي ته ڪانگريس جي عمارت جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.
166