155

سينيٽ چونڊن ۾ هاڻي سيڪرسي نه هوندي، پارٽين جي حساب سان نمائندگي ملندي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاڪستان جي ڪاميابي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته عدالتي راءِ زبردست آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاڪستان جي ڪاميابي آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهريان صحافين سان ڳالهائيندي فيصل جاويد جو چوڻ هو ته عدالتي فيصلو زبردست آهي، اٽارني جنرل ۽ سندس ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ زبردست دليل پيش ڪيا، ماڻهن کي پهريون ڀيرو خبر پئي ته سينيٽ چونڊن ۾ اڳ ۾ ڇا ٿيندو رهيو آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڪرپشن ڪئي ويندي هئي، عمران خان جي هر ممڪن ڪوشش هئي ته هر سطح تان ڪرپشن جو خاتمو ڪريون، سينيٽ چونڊن مان رشوت خوري جو خاتمو ڪريون، ڇاڪاڻ ته عمران خان پئسا وٺندڙن کي فارغ به ڪيو. فيصل جاويد جو چوڻ هو ته عدالت چيو ته سينيٽ چونڊون قيامت تائين ڳجهيون نٿيون رهي سگهن، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن ئي هدايت ڏني آهي ته اها شفافيت لاءِ زبردست راءِ آئي آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ هاڻي سيڪرسي نه هوندي، پارٽين جي حساب سان نمائندگي هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو