156

حڪومتي ٽيم ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سپريم ڪورٽ حڪومت کي پارليامينٽ جو رستو ڏيکاريو: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي راءِ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت آئين ۽ پارليامينٽ کي بي توقير ڪرڻ واري ڪوشش ۾ ناڪام ٿي وئي، حڪومتي ٽيم ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سپريم ڪورٽ حڪومت کي پارليامينٽ جو رستو ڏيکاريو آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ کي ايڊهاڪ بنيادن تي هلائڻ بند ڪري، ملڪ آرڊيننس ذريعي نه پر پارليامينٽ ذريعي هلندو آهي، حڪومت ۾ سياسي معاملا حل ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو