270

مهراڻ يونيورسٽي جي ميزباني ۾ ”آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي اسڪوائش چيمپئن شپ“ جا مقابلا شروع

ڄامشورو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي ميزباني ۾ ”آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي اسڪوائش چيمپئن شپ“ جا ميچ شروع، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي سهڪار سان ٿيل چيمپئن شپ جوافتتاح سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري سيڪريٽري سيد امتياز علي شاهه ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چيو ته رانديون جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ ضروري آهن. جيڪي شاگرد راندين ۾ حصو وٺن ٿا، انهن جي صحت ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺي هوندي آهي. هن چيو ته گذريل ڏهن ڏينهن اندر مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن ۽ اسڪوائش جا ٽي ٽورنامينٽ ٿيا آهن، مهراڻ ۾ سڄو سال صحتمند سرگرميون جاري رهن ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري سيڪريٽري سيد امتياز علي شاهه چيو ته، سنڌ صوبي ۾ رانديون ڪرائڻ لاءِ ڪوشش جاري آهي. ڪراچي ۾ هاڪي جو ٽورنامينٽ هلي پيو جلد سنڌ ۾ فوٽ بال جو قومي ٽورنامينٽ ڪرايو ويندو. هن چيو ته اميد ٿو ڪريان ته ملڪ ۾ اسڪوائش جا وڌيڪ وڏا رانديگر پيدا ٿيندا. هن چيو ته راند منهنجو جنون ۽ شوق آهي، آئون راندين جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ کي نوڪري نه پنهنجو شوق سمجهان ٿو. ان موقعي تي تقريب کي جيم خانه حِيدرآباد جي مئنيجنگ ڪاميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس عبدالغفار چانڊيو خطاب ڪيو.  اسڪوائش چيمپئن شپ ۾ ملڪ جي سرڪاري يونيورسٽين جي ڪل 14 ٽيمن حصو ورتو آهي، چيمپئن شپ جا ميچ جيم خانه حيدرآباد  ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي اسڪوائش ڪورٽ ۾ کيڏيا ويندا. افتتاحي تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحِيد عمراڻي، ڊين فئڪلٽي پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد بروهي سميت آفيسرن، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.ياد رهي ته هلندڙ چيمئن شپ ۾ حيدرآباد جيم خانه جو پڻ سهڪار آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو