واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هڪ عدالت الينوائي رياست ۾ 16 لک سوشل ميڊيا واهپيدارن ۽ فيس بڪ جي وچ ۾ رازداري جي تڪرار کي طئي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت فيس بڪ طرفان 650 ملين ڊالر جي ادائيگي ڪئي ويندي. فيس بڪ جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته اسان کي ان معاملي تي ٿيل معاهدي تي خوشي آهي. شڪاگو جي اٽارني جي اڊلسن 2015ع ۾ فيس بڪ تي ڪيس دائر ڪيو هو جنهن ۾ الزام هنيو ويو هو ته فيس بڪ 2008ع جي الينوائي ريات جي رازداري واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي چهرن جي سڃاڻپ لاءِ بائيوميٽرڪ ڊيٽا غير قانوني طور تي گڏ ڪئي آهي. جنوري 2020ع ۾ فيس بڪ قانوني ويڙهه ۾ ناڪامي بعد 550 ملين ڊالر ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو پر جولاءِ 2020ع ۾ آمريڪي عدالت فيصلو ٻڌايو ته پيسا ناڪافي آهن، ڪيس جي شنوائي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته فيس بڪ بائيوميٽرڪ ڊيٽا صارفين جي رضامندي بنا حاصل ڪئي جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي هئي.
