241

اظفر رحمان پنهنجي حراسمينٽ بابت تازي بيان تي معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اداڪار اظفر رحمان پنهنجي تازي بيان ته کيس ڪيترا ڀيرا عورتن طرفان حراسان ڪيو ويو، جي وضاحت ڪندي معافي گهري ڇڏي آهي. هن انسٽا گرام تي پوسٽ ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنسي حراسان ڪرڻ جي باري ۾ ڳالهه ناهي ڪئي پر بيان ۾ حراسان ڪرڻ جو مطلب شوبز ۾ نون اداڪارن کي پنهنجي سينيئر ساٿي اداڪارائن طرفان توهين  جوڳي رويي جو اظهار هو. جيڪي نون اداڪارن مٿان رعب ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. هن پنهنجي بيان ۾ معافي گهرندي چيو ته سندس مقصد ڪنهن جي دل آزاري نه هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو