161

ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 4 مارچ کان شروع ٿيندي

احمد آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چار ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽ آخري ميچ 4 کان 8 مارچ تائين سردار پٽيل اسٽيڊيم احمد آباد ۾ ئي کيڏي ويندي، ڀارت کي چار ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ خلاف 2-1 جي سرسري حاصل آهي، ان کان اڳ انگلينڊ جي ٽيم چنائي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي 227 رنسن تان شڪسٽ ڏني هئي جنهن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم چنائي ۾ ئي کيڏيل ٻين ميچ ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪندي انگلينڊ جي ٽيم کي 317 رنسن تان نه رڳو شڪست ڏني پر چار ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي، ان کان پوءِ ڀارت احمد آباد ۾ کيڏيل سيريز جي گلابي بال سان کيڏيل ٽين  ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي چار ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو