151

ڀارتي فوجين گذريل مهيني 6 ڪشميرين کي شهيد ڪيو: رپورٽ

سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي جاري ڪاروائين دوران گذريل مهيني فيبروري ۾ 6 بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس جي ريسرچ سيڪشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق انهن مان ٽن نوجوانن کي ڀارتي فوجين جعلي مقابلن دوران شهيد ڪيو، جڏهن ته گذريل مهيني ڀارتي فوجين ۽ پوليس اهلڪارن طرفان پرامن مظاهرو ڪندڙن تي طاقت جي وحشياڻي استعمال سان 5 ڪشميري شديد زخمي ٿيا ۽ ان عرصي دوران 63 نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو، فيبروري ۾ ڀارتي فوجين 2 گهرن کي تباهه ڪيو. ان عرصي دوران ڀارتي فوجين هڪ ڪشميري ڇوڪري سان زبردستي ڪئي ۽ کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي پاسي ڪشميري حريت اڳواڻن، صحافين ۽ درجنين ڪشميري عورتن کي ڪوڙن ۽ جعلي الزامن تحت بدترين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو