181

ڊاڪٽر شيخ محمد حسين، ادبي دنيا جو مانائتو ڪردار…

ليکڪ: رضا ڏاهري

وقت اسان کان سچ چوڻ وارا سوين انسان کسي ورتا آهن، پر سچ سلامت آهي، سچ ڪڏهن مرندو نه آهي، اهو تاريخ جي ڪتابن، ماڻهن جي دلين ۾ هڪ لهر بڻجي رهندو آهي، توڻي جو اسان جي هن معاشري ۾ سچ گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جي سيج آهي، سقراط کي چيائون ته هي ڪهڙي تنهنجي زندگي آهي جو سڄي عمر پنهنجا پير ڍڪي نه سگهيو آهين، جواب ۾ چيائين ته سچ سان عشق ٿي ويو آهي، ڏتڙيل يونان جي عوام جو بکون ڪاٽڻ برداشت نه ٿو ٿئي، ان ڪري مون کي جيڪو ٽڪر ملندو آهي ان تي پاڻ کان وڌيڪ حق آئون ان ٻار جو سمجهندو آهيان جيڪو پيٽ بکيو آهي ۽ ڪوشش ڪندو آهيان ته اهو مانيءَ جو ٽڪر ان ٻار تائين پهچايان، اهو سڀ ان ڪري جو منهنجو سچ سان عشق آهي، سچ سقراط کي زهر جو پيالو پياريو، سقراط مري ويو پر سچ سندس هزارين پوئلڳن جي دلين ۾ اوتجي ويو. ڏٺو وڃي ته هن دور ۾ انسان جي حاصلات ڇا آهي؟ ماڻهو جي حاصلات ان جو اولاد به ڪونهي ڪو؟ ماڻهو جي حاصلات ان جو فڪر آهي، ان جو نظريو آهي ۽ وقت اچڻ تي صرف ان جو ڪردار، نظريو، فڪر ۽ سچائي ئي کيس ٻين کان نروار ڪري بيهاري ٿي، ڪروڙن جا مالڪ مري ويا جن وٽ رڳو پئسو هو ڪو نظريو ڪو ڪردار ڪو نه هو، انهن کي اڄ پنهنجو اولاد به ياد نٿو ڪري، وقت انهن ماڻهن کي ياد ڪري ٿو جيڪي ٻين لاءِ ڪجهه ڪري ويا آهن ۽ هنن پاڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر محمد حسين شيخ کي وقت اڄ ان ڪري ياد ڪري ٿو جو هن سماج لاءِ ڪم ڪيو آهي، ڪبير چيو ته لهر سمنڊ جو حصو هوندي آهي پوءِ چاهي اها پاتال مان ٽٻي هڻي ميرانجهڙي ٿي نڪتي هجي يا سمنڊ جي اجري سطح تي نچندي هجي. ڊاڪٽر شيخ محمد حسين به هن سماج جي هڪڙي لهر هو، جنهن اڄ کان 58 سال اڳ ”بولي“ ناول لکي سچي هجڻ جي فرض جي ادائگي ڪئي هئي، جي ڪنهن ”بولي“ ناول پڙهيو هوندو ته ان کي خبر هوندي ته بُولي ناول جا ڪردار ڪيڏا نه سگهارا آهن ۽ لکندڙ جي معاشري سان ڪيڏي سچائي آهي، جو معاشري کي سچائي کي طرف وٺي ٿو اچي. 1958ع ۾ جڏهن هي ناول ڇپيو هوندو ته هن جو پنهنجو ويليو هوندو ۽ هن ادبي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ضرور والاري هوندي، 3 رپيا 50 پئسا قيمت وارو هي ناول جيڪو 253 صفحن تي ٻڌل آهي اڄ به جڏهن پڙهجي ٿو ۽ ان جو پس منظر سگهارو پسجي ٿو ته ڄڻ اڄ جي ڳالهه لڳي  ٿي، ان وقت هي ڪيترو نه مقبول ٿيو هوندو، ان کانپوءِ سندس ٻيو ناوليٽ ”پيار جو سودائي“ 1968 ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت هڪ رپيو هئي. مڌر ٽريسا چيو هو ته ماڻهن کي اناج جي بک ڪو نه ماريو آهي پر پيار جي کوٽ ماري وڌو آهي، آئون زندگي ۾ جيترا ڀيرا ڊاڪٽر سان مليو هئس ته هن وٽ مون پيار جي نگاهه ڏٺي هئي، منهنجو ڊاڪٽر سان ملڻ ڪو اتفاق نه هو پر آئون ساڻس ملندو ئي رهندو هئس، ان ملڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته منهنجي ادبي سفر جي شروعات چاچي هاشم ڪنڀر جي دڪان کان ٿي ۽ اڄ به اهو ٺڪرن جو دڪان سندس پٽ مٺل ڪنڀر جي هوندي مون لاءِ ڪنهن لائبريريءَ کان گهٽ نه آهي ۽ ان دڪان تي ويهي ڪالهه مون ڊاڪٽر کي سامهون ڪرسي تي ويٺل ڏٺو هو، پر اڄڪلهه الائي ڇو اها هوميوپيٿڪ جي ڪلينڪ بند آهي، ڊاڪٽر سان منهنجون جيڪي به ڪچهريون ٿيون هيون انهن سڀني ڪچهري ۾ ڪڏهن به مون سان پنهنجي واکاڻ ڪانه ڪئي هيائين، جيتوڻيڪ سندس سڄي زندگي واکاڻ جي لائق هئي ۽ آهي، پر جيڪي ماڻهو گهڻو ڪجهه هوندا آهن، اهي پنهنجي پاڻ کي ڪجهه ڪو نه سمجهندا آهن ۽ جيڪي ڪجهه ڪو نه هوندا آهن اهي پنهنجي پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهندا آهن، ڊاڪٽر جڏهن 1950ع ۾ ڪنڊياري کان شاهپور آيو ته اچي سنڌي ادبي داراالاشاعت جو بنياد رکيائين ۽ شاهپور چاڪر جي حوالي سان اهو پهريون ادبي فورم هو، جنهن جي طرفان سندس ٻئي ناول بولي ۽ پيار جو سودائي ڇپيا، 1958ع کان سنڌ جي ان وقت جي وڏي اشاعت واري اخبار عبرت جو نمائندو ٿيو، مختلف موضوعن تي مضمون به لکندو رهيو ۽ هي جهان ڇڏي وڃڻ تائين عبرت اخبار سان لاڳاپيل رهيل، 1977ع ۾ پريس ڪلب شاهپور چاڪر جو بنياد وڌائين، جيڪا پريس ڪلب اڄڪلهه شهر جي ادبي، سياسي سماجي ماڻهن جي ڏکن سکن ونڊڻ جو مرڪز آهي، پاڻ خوبصورت پابند شاعر هو، شاهپور چاڪر جي حوالي سان شاعر جي وزنن ۽ بحرن جي ڄاڻ جو جي کيس استاد چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، محفلن جو مور هوندو هو، هر موضوع تي ان پروگرام جي حوالي سان شاعري ڪندو هو ۽ بلند آواز ۾ شعر پڙهندو هو، کيس شاعري پڙهڻ جو وڏو ڏانءُ هوندو هو، محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي گرمائي ڇڏيندو هو، ان حد تائين جو موضوعاتي حوالي سان خانداني منصوبابندي تي به شعر پڙهائين، سندس هڪ شهر آهي.

سدائين مرد عورت جو رهي ٿو واسطو ساٿي

وڌي ڇو لوڌ ٻارن جي ڪرين جي ضابطو ساٿي

ٿئي منصوبابندي سان ڪٽنب ڪارائتو ساٿي

فلاحي مرڪز سان رکين جي تون رابطو ساٿي

ڊاڪٽر شيخ جي شاعري رومانٽڪ نه هئي، سندس شاعري سماج جي مسئلن جي نشاندهي ۽ ڌرتي جي درد سان ڀريل هئي.

امن جي ديس ۾ فتني جا ٻارڻ ڪنهن اچي ٻاريا

وڃائي ساک سنڌوءَ جي ٻچا مارن جا ڪنهن اچي ماريا.

وڏن شهرن ۾ تڙ جون پيا ننڍن ڳوٺن ۾ پيا لٽجون

اسان جي سهڻي ڌرتيءَ تي نوان ڌاڙيل ڪنهن اچي ڌاريا

ڊاڪٽر شيخ محمد حسين جي هي شاعري ان دور جي آهي جڏهن سنڌ ۾ نام نهاد  لساني تنظيم سنڌي ماڻهن جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي هئي ۽ ان کان اڳ ۾ جڏهن سنڌ تي ون يونٽ مڙهيو ويو، سنڌي ٻولي جي نيڪالي لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيا ويا، اياز جي لکڻين تي کيس جيل موڪليو ويو، ان دوران رشيد ڀٽي جي هن نظم جيڪا هلچل مچائي ”سنڌڙي رهي اسين جي نه رهياسين ته ڇا ٿيو“ ڊاڪٽر صاحب هڪ دفعو مون کي چيو ته هي نظم مون رشيد ڀٽي جي شاعري کان متاثر لکيو هو، ان جون هي ٻه سٽون آهن.

سنڌ ڌرتي جا شڪاري ٿا رهن اک ٽيٽ ۾،

فائدو ڄاڻن سمورو ٿا اسان جي فيٽ ۾.

ان حوالي سان ڊاڪٽر سڄاڻ شاعر هو،ڌرتي تي جيڪي وار ٿيندا هئا انهن جو جواب سندس شاعري ۾ ضرور هوندو هو، ماڻهو جي هٿن جو پورهيو ان ماڻهو جي تشريح لاءِ ڪافي هوندو آهي، هي ناول هي شاعري هي اخباري دنيا ڊاڪٽر جي هٿن جو پورهيو آهي، جنهن جي تشريح تي گهڻو ڪجهه ڳالهائي سگهجي ٿو، هي سڄو پورهيو ڊاڪٽر جي سچائي تي ٻڌل آهي ۽ اهڙو سچ آهي جيڪو ڪڏهن به وسرڻو نه آهي، ڊاڪٽر جهڙين شخصيتن کي ڀلي ڪير وسارڻ جي ڪوشش ڪري انهن کي وساري نٿو سگهي، ڇو ته هن جي ياد شاعري آهي، ناول آهن، صحافت آهي، پريس ڪلب جو وجود آهي، ماڻهپو آهي، خلوص آهي، سچائي آهي. باقي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگي جو پويون ڏهاڪو ادب کي اهو وقت نه ڏئي سگهيو، جيڪو شروعاتي دور ۾ ڏنائين، ڇو ته هن جا کوڙ سارا معاشي مسئلا هئا، هو هن سماج جو حصو هو، هو طارق دنيا ڪو نه هو ۽ انهن معاشي ۽ سماجي مسئلن کيس کائي وڌو هو، شيخ اياز به چيو هو ته چلهه ۽ تئو محراب ۽ ممبر کان وڌيڪ مقدس آهي، جيتسائين ماڻهوءَ جا معاشي مسئلا حل نه ٿا ٿين، تيستائين هو گهڻو ڪجهه ضايع ٿئي ٿو. بهرحال سماجي خدمتن جي حوالي سان ڊاڪٽر هن ڌرتي جي، شاهپور چاڪر شهر جي سڃاڻپ آهي ۽ رهندو، هن جيڪو وقت گذاريو ميٺ محبت سان گذاريو، ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪو نه ٽنگيائين، ڪنهن جي ڪاڻ ڪو نه ڪڍيائين، هن زندگي جا ڏکيا ڏکيا مسئلا پنهنجو پاڻ حل ڪيا، پوءِ توڻي جو هن ڏک به برداشت ڪيا، حليم باغي جي سٽن جيان ته؛

اسان جيئنءَ به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾

سدائين نشان تي سدا امتحان ۾،

اهي ئي ڪنارا اهي ئي دلارا

اڃا تير آهن اسان جي ڪمان ۾.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو