ليکڪ: نعيم احمد شيخ
جڏھن ظلم، ڏاڍ، جبر، حيوانيت احساسن کي مسلسل ڪچليندي انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي نظر اچي ۽ مسڪين دردمندن جي دانھن ٻڌڻ وارو ڪو به نه ھجي سواءِ آسمان واري ڏانھن نھارڻ جي ھر مظلوم وٽ جڏھن ٻيو ڪو به چارو نه ٿو بچي ته فقط اھي لفظ ئي زبانن جي زينت بڻجن ٿا ته انا لله و انا عليه راجعون (جيڏانھن آيو اوڏانھن ھي واپس ويو) بيشڪ ھر نفس کي موت جو مزو وٺڻو آھي پر ڏک ته ان ڳالهھ جو آھي ته ڪجهھ انسانيت جا دشمن طاقت ۽ دولت جي نشي ۾ ڌت ٿي ھن ڌرتي جي مظلوم ماڻھن مٿان ايڏا ته وڏا ظلمت جا پھاڙ ٿا ڪيرائي ڇڏين جو موت کان اڳ ئي زندگي عذاب بڻجي ٿي وڃي ۽ سواءِ ذلت ۽ رسوائي جي مسڪين ماروئڙن جي پلئه ڪجهھ به نه ٿو پوي! ھي ان سنڌ جي موجوده صورتحال آھي جنھن سنڌ کي محبت، مھمان نوازي، انسان شناسي ۽ صوفين جي پيار واري ڌرتي جي حوالي سان سڄي دنيا ھزارن سالن کان وٺي ھڪ محفوظ تاريخ جي روشني ۾ سڃاڻيندي آھي پر افسوس جو بدقسمتي ان عظيم ڌرتي جي وارثن جي اھا آھي جو انھن مٿان حڪومت ڪندڙ حاڪم وٽ احساس ختم ٿي چڪو آھي، ھمدردي ۽ انسانيت جي شناس دفن ٿي چڪي آھي، ان جاءِ تي حيوانيت ۽ درندگي ديرا ڄمائي ورتا آھن، انصاف جي اميد اٽي ۾ لوڻ برابر وڃي بچي آھي، انڌير نگري جا سمورا رڪارڊ ٽٽي پيا آھن، چرٻٽن واريون ڳالھيون به ڄڻ پراڻيون ٿي چڪيون آھن ۽ ھن وقت سنڌ جي تاريخ جو اھڙو عبرتناڪ باب لکجي رھيو آھي، جيڪو صدين تائين اھا صدا پيو ڏيندو رھندو ته ھا ڪڏھن اھڙو دور به ھو جڏھن انسانيت جو پوسٽ مارٽم ٿي چڪو ھو ۽ ھن دور کي اڄ جي تاريخ کي ايندڙ سوين سالن تائين ائين سمجھيو ويندو ته ڄڻ سنڌ مٿان ڪو ڪارو دور به آيو ھو، لطيف جي نگري ۾ خون جي ھولي ھر شھر ۾ ھر روز پئي نظر اچي ۽ ماتم جون صدائون ڪنھن ھڪ گھڙي به بند نه پيون ٿين دانھون ڪوڪون آھون ۽ اڀ ڏاريندڙ صدائون اھو ٻڌائي رھيون آھن ته سنڌ مٿان اھڙو وقت اچي چڪو آھي جو ماڻھن جون عزتون، زندگيون، توڙي ملڪيتون غير محفوظ بڻجي چڪيون آھن، چور ڏوھاري، بدمعاش ۽ غنڊا گردي ڪندڙ ظالم جا ساٿاري ته گھڻا ٿا نظر اچن پر مجبور بيوس لاچار ۽ ننڌڻڪن اٻوجهھ ماروئڙا بي يارو مددگار ڪنھن آسماني معجزي جي انتظار ۾ زندگي زندگي ۾ ئي موت کان وڌيڪ دردناڪ گذارڻ تي مجبور آھن! اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن ڪو ايوانن ۾ ويٺل يا حڪومتي ڌر جو ماڻھو سوٽ بشيٽ پائي انگريزي ڳالھائي دنيا آڏو ترقي ۽ خوشحالي جون ڳالھيون ڪري ٿو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ انھن مسڪينن مجبور ۽ مظلوم ماڻھن جي زخمن مٿان ڪو لوڻ ٻرڪيندو ھجي! تعجب نه آھي ان قوم جي بي حسي تي جيڪا قوم پنھنجي معتبر تھذيب ۽ تاريخ جي ڪري جڳ مشھور ھئي ۽ ساڳي قوم اڄ پنھنجي بدقسمتي جي ڪري پوري دنيا آڏو مجبور لاچار ۽ ڏتڙيل خطي جي عڪاسي ڪندي نظر اچي ته پوءِ ڪيئن چوان ته حڪمران عوام سان سچا ۽ مفاد پرست ھر گز نه آھن! پر افسوس جو پيرڳوٺ واري مونيڪا لاڙڪ يا دادو جي معصوم نياڻي جنھن کي اڃا ڳالھائڻ به چڱي طرح نه ٿو اچي يا اھڙا کوڙ سارا واقعا جيڪي روز ڏسڻ ۾ پيا اچن ته معصوميت جي لڄالٽ ٿي رھي آھي ۽ انسانيت جو قتلام ٿي رھيو آھي، لٽمار، رشوت، فراڊ، دوکو ۽ ٻه نمبري بي ايماني عروج تي آھي ۽ آخر ۾ ته ھر ماڻھو بس اھو چئي جان پيو ڇڏائي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو! جڏھن ڳالهھ ان مقام تي وڃي پھچي جتي انسان کي دولت ۽ طاقت آڏو ڪنڌ ھيٺ ڪري ھر ظلم خاموشي سان سھڻو پوي تڏھن ته بغير ڪنھن ھٻڪ جي چئي سگھجي ٿو ته آخر ھن خوبصورت ڌرتي کي دھشت ۽ وحشت جي نگري بڻائيندڙ انسانيت جي دشمن ظالم ۽ جابر مست ھاٿين جي ظلمت کان آخر ڪڏھن جند ڇٽندي ۽ اھو ڏينھن ڪڏھن ايندو جڏھن ھر گلي ھر شھر ھر موڙ ۽ ھر چوڪ چوراھي تان محبت ڀائيچاري جي ھٻڪار ايندي! ھن وقت سنڌ جي ماڻھن جي مظلوميت ۽ ويچارڳي ڏسڻ کانپوءِ ائين پيو لڳي جيڪي دانھون ھن ڌرتي وارن جون آسمان واري تائين پھتيون آھن اھي دانھون ضرور رنگ لاھينديون ۽ نيٺ اھي فرعونيت جا قلعا لڏندا لمندا ۽ لڙھندا به ٻڏندا به تڏھن ئي ھن ڌرتي تان ظلمت ختم ٿي سگھي ٿي ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن الله جو عذاب انھن ظالمن کي گھيري ۾ آڻي ھر مظلوم کي برابر انصاف ملندو.