144

سينيٽ چونڊون ۽ سياسي وايو منڊل….

ليکڪ: محمد ڪاظم

اختلافن سبب سينيٽ چونڊن جي حوالي سان بلوچستان ۾ حڪمران اتحاد ۾ شامل 2 وڏيون پارٽيون بلوچستان عوامي پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اڃا تائين ڪا گڏيل حڪمت عملي طئه ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيون آهن، تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر سردار يار محمد رند ان حوالي سان پنهنجي پارٽي جي مرڪزي قيادت سان گڏوگڏ بلوچستان جي وزيراعليٰ ڄام ڪمال کي به تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ هن وقت بي اي پي ۽ تحريڪ انصاف جا اندروني اختلاف ۽ ڏکيائيون به ٻين پارٽين جي مقابلي وڌيڪ آهن، جنهن جي ڪري بلوچستان جي وزيراعليٰ وزيراعظم کي تجويز ڏني آهي ته هو مداخلت ڪري، پر بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف سان سندن جماعت جو ڪو اختلاف ناهي ۽ پارٽي اندروني طور تي ڪنهن ڏکيائي کي منهن ڏئي رهي آهي،  اسلام آباد ۾ هڪ نجي چئنل تي سردار يار محمد رند جيڪو انٽرويو ڏنو هو ان ۾ هن پارٽي جي مرڪزي قيادت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته اسلام آباد ۾ پارٽي طرفان جيڪا پارلياماني ڪاميٽي ٺاهي وئي، ان ۾ بلوچستان جي ڪا به نمائندگي نه آهي، هتان اهڙن ماڻهن کي سينيٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، جن کي هن پارٽي ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺو، هن بلوچستان جي وزيراعليٰ کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڄام صاحب تحريڪ انصاف کي مفت جو مال سمجهيو آهي، آئون سندس ڪابينا جو وزير ضرور آهيان پر تحريڪ انصاف جو پارلياماني اڳواڻ باوجود مون کي به اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي، ان انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ جڏهن سرداريار محمد رند سان فون تي رابطي جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي وئي پر ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ سبب سندس خدشن تي سڌيءَ ريت ڳالهه نه ٿي سگهي.پر ڪوئيٽا ۾ سردار يار محمد رند جي ترجمان بابر يوسفزئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پارٽي جي صوبائي صدر جن خدشن جو اظهار ڪيو هو، پارٽي جي مرڪزي قيادت انهن جو نوٽيس ورتو آهي. هن ٻڌايو ته مرڪزي قيادت طرفان رابطن کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ پارٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي ۽ جيستائين پارٽي جو ان سلسلي ۾ ڪو فيصلو نٿو اچي هو ان حوالي سان ڪو به تبصرو نٿو ڪري سگهي، بلوچستان جي سينيئر صحافي رضا الرحمان جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت سينيٽ جي چونڊن لاءِ جيڪا پهرين نامزدگي ڪئي ان کي پارٽي جي صوبائي قيادت قبول نه ڪيو، تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت طرفان پهريان ڪاروباري شخصيت عبدالقادر کي ٽڪيٽ ڏني وئي هئي، تحريڪ انصاف بلوچستان ۾ عبدالقادر کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي مخالفت ڪندڙن جو چوڻ هو ته نه صرف ان جو تعلق بلوچستان ناهي پر هو تحريڪ انصاف ۾ به ناهي رهيو، پر عبدالقادر بلوچتسان سان تعلق نه هجڻ جي دعويٰ کي رد ڪيو هو، سندس چوڻ هو ته ان جو تعلق نه صرف ڪوئيٽا سان آهي پر هن تعليم به ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي، عبدالقادر جي مخالفت کانپوءِ تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت طرفان پارٽي سان پراڻي وابسطگي رکندڙ سيد ظهور آغا کي ٽڪيٽ ڏني پر رضاءُ الرحمان مطابق پارٽي جي پارلياماني گروپ ۾ سيد ظهور آغا جي نامزدگي جي حوالي سان به خدشا آهن، صحافي رضاءُالرحمان مطابق ظاهر طور تي محسوس ائين ٿو ٿئي ته تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت پنهنجي صوبائي قيادت ۽ خاص ڪري صوبائي صدر کي سينيٽ جي اميدوار جي نامزدگي بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو، جنهن جو تحريڪ انصاف بلوچستان جي صدر برملا اظهار به ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سينيٽ جي معاملن تي ڳالهائڻ لاءِ سردار يار محمد رند اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات جي به ڪوشش ڪئي هئي پر کيس اها شڪايت آهي ته ان کي ملاقات لاءِ وقت نه ڏنو ويو، ٻئي طرف سردار يار محمد رند جو وڏو پٽ سردار خان رند به بلوچستان مان سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آزاد حيثيت سان ميدان ۾ آهي، بلوچستان اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو انگ 7 آهي، سينيئر تجزيه نگار شهزادو ذوالفقار جو چوڻ آهي ته ان تعداد سان تحريڪ انصاف کي بلوچستان ۾ مشڪل سان هڪ جنرل سيٽ ملي سگهي ٿي، جيڪڏهن سردار يار محمد رند پنهنجي پٽ لاءِ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته ان جي خواهش آهي ته تحريڪ انصاف سندس پٽ جي حمايت ڪري، ڇو ته هو سمجهي ٿو ته پارٽي جي 7 ووٽن مان 4 ان سان گڏ آهن ۽ هن ان راءِ جو اظهار ڪيو ته تحريڪ انصاف بلوچستان ۾ سينيٽ جي حوالي سان اندروني اختلافن جو شڪار آهي، جڏهن ته وڏي اتحادي جماعت بي اي پي سان اختلافن جي ڪري معاملن طئه نه ٿيڻ سبب ان جون ڏکيائون وڌيون آهن، سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي صوبائي قيادت بي اي پي سان ان ڳالهه تي ڪاوڙيل آهي ته ان جي ڪجهه اڳواڻن عبدالقادر جي حمايت ڇو ڪئي؟ شهزاده ذوالفقار مطابق عبدالقادر جي ميدان ۾ موجودگي جي ڪري تحريڪ انصاف بلوچستان جي صوبائي قيادت کي پنهنجا ووٽ ورهائجڻ جو خدشو آهي، تحريڪ انصاف بلوچستان جي مخالفت کانپوءِ پارٽي جي مرڪزي قيادت طرفان ٽڪيٽ واپس وٺڻ بعد اهو خيال ڪيو پئي ويو ته عبدالقادر چونڊن ۾ حصو نه وٺندو پر ائين نه ٿيو، هن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، ان جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙ بلوچستان جي وڏي وزير جي پارٽي بي اي پي مان آهن، تحريڪ انصاف بلوچستان جي مخالفت باوجود وزيراعليٰ ڄام ڪمال خان جو عبدالقادر جي دفاع بابت چوڻ آهي ته هو ٻنهي پارٽين جو گڏيل اميدوار هو، وزيراعليٰ جو موقف آهي ته جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ عبدالقادر جي حمايت ختم ڪئي آهي، پر بي اي پي ان تان هٿ نه کڻندي، شهزادي ذوالفقار مطابق عبدالقادر جي موجودگي سان خود بلوچستان عوامي پارٽي جا اميدوار به ڳڻتي ۾ مبتلا آهن، ڇو ته کين خدشو آهي ته عبدالقادر جي موجودگي ۾ سندن ڪاميابي جا امڪان گهٽ هوندا، تحريڪ انصاف بلوچستان ۽ خود بي اي پي جي اندروني مخالفت باوجود ڄام ڪمال جي عبدالقادر جي اعلانيل حمايت ڪرڻ بابت شهزاده ذوالفقار جو چوڻ آهي ته عبدالقادر هڪ بااثر شخصيت آهي، سندس چوڻ آهي ته سينيٽ چيئرمين مير صادق سنجراڻي نه صرف عبدالقادر جو وڏو حامي آهي پر ڪجهه ٻين حلقن جي به هو ويجهو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري بي اي پي ۾ اثر رسوخ رکندڙ شخصيتون حمايت ڪري رهيون آهن.سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان جتي تحريڪ انصاف ڏکيائين جو شڪار آهي، ان جي مقابلي ۾ بي اي پي جون ڏکيائون اڃا به وڌيڪ آهن، رضاءُ الرحمان ان جو هڪ وڏو سبب پارٽي ۾ اميدوارن جي وڏي انگ کانسواءِ ٻاهران تعلق رکندڙ اميدوار ۽ اتحادي پارٽين جي اميدوارن کي قرار ڏئي ٿو،  بلوچستان کان ٻاهر تعلق رکندڙ جنهن اميدوار کي بي اي پي ٽڪيٽ ڏني آهي اهو ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ عورت ستاره اياز آهي. اها سينيٽ جي گذريل چونڊن ۾ اي اين پي جي ٽڪيٽ تي ڪي پي ڪي مان ڪامياب ٿي هئي، پر گذريل سال سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ جي حوالي سان پارٽي ڊسيپلين جي مبينا ڀڃڪڙي تي اي اين پي ان کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، بي اي پي ستاره اياز کي جنرل سيٽ تي ٽڪيٽ ڏني آهي، جڏهن ته جنرل سيٽ تي خود بي اي پي جو سيڪريٽري جنرل منظور ڪاڪڙ، مير سرفراز بگٽي ۽ مير اورنگزيب جمال ديني به اميدوار آهن. ان کانسواءِ اتحادي حڪومت ۾ شامل عوامي نيشنل پارٽي جو اهو چوڻ آهي ته سينيٽ جي گذريل چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي بدلي بلوچستان عوامي پارٽي جنرل سيٽ جي اميدوار تي سندن اميدوار جي حمايت جي حوالي سان ڪمٽمينٽ ڪئي آهي، اتحادي حڪومت ۾ شامل بي اين پي عوامي جو صدر مير اسرار الله زهري به جنرل سيٽ تي اميدوار آهي ۽ ان جي خواهش آهي ته اتحادي جي حيثيت بي اي پي سندس حمايت ڪري، شهزاده ذوالفقار جو چوڻ آهي ته پنهنجي پارٽين جي اميدوارن ۽ اتحادين کي خوش رکڻ وڏي وزير ڄام ڪمال لاءِ هڪ وڏو چئلنيج آهي، سندس چوڻ مطابق بلوچستان ۾ حڪمران اتحاد جو خيال آهي ته اهي سينيٽ جي 12 خالي سيٽن مان 8 سيٽون آساني سان حاصل ڪري سگهن ٿا، پر سندس چوڻ آهي ته حڪمران اتحاد جن اختلافن ۽ مشڪلاتن ۾ گهيريل آهي، انهن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته شايد انهن لاءِ ايتريون سيٽون حاصل ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگهنديون، جنهن جي ڪري خود وزيراعليٰ بلوچستان وٽ به خدشا آهن، اهو ئي سبب آهي ته ڄام ڪمال تحريڪ انصاف سان معاملا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي هڪ تجويز جي شڪل ۾ ظاهري طور مداخلت لاءِ چيو آهي،  تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر يار محمد رند طرفان ڄام ڪمال مٿان اعلانيه تنقيد کانپوءِ وزيراعليٰ به هڪ بيان جاري ڪيو آهي ۽ ان بيان ۾ وزيراعظم کي گڏيل پارلياماني بورڊ ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، وزيراعليٰ جو چوڻ آهي ته بي اين پي ۽ پي ٽي آءِ نه صرف بلوچستان ۽ وفاق ۾ اتحادي آهن، پر بي اي پي پنهنجي اتحادين سان گڏجي سينيٽ چونڊ وڙهڻ چاهي ٿي، ان تحاد کي سامهون رکندي وزيراعظم بلوچستان ۾ سينيٽ جي حوالي سان هڪ گڏيل پارلياماني بورڊ قائم ڪري جيڪو ان سلسلي ۾ تجويزون پيش ڪري ته جيئن بلوچستان ۾ سينيٽ اليڪشن دوران عوامي پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جا ووٽ ضايع نه ٿين. ان حوالي سان جڏهن بي اي پي جي سيڪريٽري جنرل منظور ڪاڪڙ سان رابطو ڪيو ويو ته سندس چوڻ هو ته ٻنهي پارٽين ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، اسان چاهيون ٿا ته اتحادي گڏجي چونڊ وڙهن، ان ڪري وزيراعليٰ وزيراعظم کي گڏيل پارلياماني بورڊ ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي. بي اي پي جي مرڪزي اڳواڻ مير سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته سردار يار محمد رند اسان لاءِ احترام لائق آهي ۽ هو بلوچستان ڪابينا جو به معزز ميمبر آهي. تحريڪ انصاف کي پنهنجي ڪنهن اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ووٽن جي ضرورت اهي، جنهن تي ٻنهي پارٽين جي اتفاق سان عبدالقادر نامزد ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو