165

سپريم ڪورٽ جي راءِ سان آئين جي فتح ۽ غير جمهوري خواهش رکندڙن کي شڪست ملي آهي: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي راءِ سان آئين جي فتح ۽ غير جمهوري خواهش  رکندڙن کي شڪست ملي آهي، سليڪشن جا خواهشمند سليڪٽڊ کي اليڪشن مان ڀڄڻ جو ڪو رستو نه مليو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پنهنجي شڪست ڏسي سليڪشن لاءِ سپريم ڪورٽ جو ڪلهو استعمال ڪرڻ پئي چاهيو، سپريم ڪورٽ آئين موجب راءِ ڏئي جمهوري عمل کي سبوتاز ڪرڻ وارين ڪوششن  اڳيان بند ٻڌي ڇڏيو ۽ چيو ته حڪمران جيترا مرضي دهول وڄائي پر شڪست سندن نصيب ۾ لکجي  چڪي آهي. هن چيو ته حڪومت جون پاڙون ڪمزور ٿي چڪيون آهن، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مدبرانه فيصلن حڪومت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 3 مارچ حڪومت جي شڪست ۽ پي ڊي ايم جي ڪاميابي جو ڏينهن آهي جڏهن ته يوسف رِضا گيلاني جي فتح ٿيندي. هن چيو ته ننڍين چونڊن ۾ حڪومت عوامي مقبوليت کان محروم ٿي چڪي آهي  ۽ 3 مارچ تي ايوانن جو اعتماد به وڃائي ويهندي، عمران خان وٽ اڃان به وقت آهي ته هو ملڪ جمهوري قوتن جي حوالي ڪري عزت سان سان گهر هليو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو