اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن گم ٿيندڙ 20 پرزائيڊنگ آفيسرن جي فون جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. رپورٽن مطابق اليڪشن ڪميشن حڪومت سان رابطو ڪري 20 پرزائيڊنگ آفيسرن جي موبائل فون نمبرن جي فون ڪالز ڊيٽا جو رڪارڊ گهري ورتو آهي، جيڪي ڊسڪا تي ننڍي چونڊ کانپوءِ مبينا طور ڪيترائي ڪلاڪ گم رهيا. ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سان رابطو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ پي ٽي اي حڪومت سان رابطو ڪيو ته جيئن اهو فيصلو ڪري سگهجي ته اليڪشن ڪميشن کي ڄاڻايل ڄاڻ ڏيڻ گهرجي يا نه. ذريعن مطابق قانون تحت هر سرڪاري اداري ۽ ايجنسي جو فرض آهي ته هو اليڪشن ڪميشن کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سهڪار فراهم ڪري ته جيئن آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائي سگهجن. ذريعن ٻڌايو ته موبائل فونز جي ڊيٽا سان نه رڳو اهو معلوم ٿيندو ته پرزائيڊنگ آفيسر ڪٿي هئا پر اها به خبر پئجي ويندي ته اهي ماڻهو ڪنهن سان رابطي ۾ هئا.
