249

ميرپورخاص ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڦر ۽ چورين ۾ ملوث 2 ڏوهاري گرفتار، 10 موٽرسائيڪلون هٿ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري، انسپيڪٽر غلام حسين سڌايو، ايس ايڇ او سٽي ذيشان لاشاري ۽ ڊي آءِ بي انچارج جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن ڳجهو اطلاع ملڻ تي موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري ڪرڻ ۾ ملوث بين الصوبائي ٽولي جي ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪندي شھيد بينظير آباد جي رهواسي جوابدارن نورحسن وساڻ ۽ اعجاز وساڻ کي گرفتار  ڪري جوابدارن وٽان چوري ۽ ڦر ڪيل 10 موٽر سائيڪلون هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آھي. پوليس موجب جوابدارن جي سهولتڪارن ۽ ٻين ساٿارين جي حوالي سان پڇا ڳاڇا جاري آھي، جلد وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺبو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو