150

پيپلز پارٽي لانگ مارچ ڪراچي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪراچي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، لانگ مارچ ڪراچي کان شروع ٿي اسلام آباد پهچندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ذريعن مطابق پارٽي قيادت صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي ته لانگ مارچ جي شروعات ڪراچي کان ڪئي ويندي، پارٽي قيادت طرفان پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي واضح طور تي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هو 26 مارچ 2021ع تي ڪراچي ۾ جمع ٿين، جتان لانگ مارچ جي شروعات ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو