227

(ن) ليگ پاران لانگ مارچ کان پهرين پنجاب ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان، شيڊول جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) لانگ مارچ کان پهرين پنجاب ۾ حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪندي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ن ليگ لانگ مارچ کان پهرين پنهنجي ڪارڪنن کي فعال ڪرڻ ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پنجاب ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل شيڊول تحت 3 مارچ تي ميانوالي، 5 مارچ تي گوجرانوالا ۽ منڊي بهائو الدين، 6 مارچ تي گجرات ۽ چڪوال، 7 مارچ تي لوڌران، سيالڪوٽ ۽ نارووال، 11 مارچ تي پاڪپتن، 12 مارچ تي وهاڙي، اٽڪ ۾ 5 مارچ، 13 مارچ ۽ 20 مارچ تي احتجاج ڪيا ويندا، جڏهن ته ن ليگ پاران ضلعي راولپنڊي ۾ 13 مارچ ۽ پنڊي سٽي ۾ 5 مارچ تي احتجاج ڪيو ويندو. ان کانسواءِ رحيم يار خان ۾ 17 مارچ ۽ 20  مارچ تي احتجاج ڪيو ويندو، لاهور، فيصل آباد، قصور، شيخوپوره، جهلم، ليا ۽ راجن پور ۾ احتجاج جي تاريخ فائنل نه ڪئي وئي آهي.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو