232

سپريم ڪورٽ وڪيلن جا سمورا غيرقانوني چيمبر ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وڪيلن جا سمورا غيرقانوني چيمبر ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ فٽبال گرائونڊ ۾ وڪيلن جي غيرقانوني چيمبرن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ڪهڙن بنيادن تي غيرقانوني چيمبر برقرار رهڻ ڏيون؟ وڪيلن جو فٽبال گرائونڊ تي ڪو حق ناهي، وڪيلن جي اها پٽيشن خارج ڪئي پئي وڃي. وڪيلن جي وڪيل حامد خان عدالت کي چيو ته فٽبال گرائونڊ خالي ڪرڻ چاهيون ٿا پر عدالت مناسب وقت ڏئي، جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريڊ زون ۾ شفٽ ٿي ويندو ته اسان چيمبر خالي ڪري ڇڏينداسين، اسان عدالت ۾ چيمبر خالي ڪرڻ جو قسم نامون جمع ڪرائينداسين، هڪ کان ٻن سالن ۾ چيمبر خالي ڪري ڇڏينداسين. ان تي جسٽس گلزار احمد چيو ته ايترو ڊگھو وقت نٿا ڏئي سگهون، وڪيلن چاهين ٿا  ته ٻن مهينن جو وقت ڏئي ٿا ڇڏيون، جاءِ خالي ڪري انتظاميا حوالي ڪيو. چيف جسٽس چيو ته جيڪي عدالتون گرائونڊ جي زمين تي ٺهيل آهن اهي به ڊاهي ڇڏيو، جنهن کي پريڪٽس ڪرڻي آهي اهو پنهنجي آفيس ڪٿي ٻئي هنڌ ٺاهي وٺي. عدالت وڪيلن جي متبادل هنڌ ملڻ تائين وقت ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي اسلام آباد بار جي درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو ۽ غيرقانوني چيمبر ڊاهڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وارو حڪم برقرار رکيو. عدالت وڪيلن کان ترت فٽبال گرائونڊ خالي ڪرائڻ ۽ سمورا غيرقانوني چيمبر ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو