بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ايران تي لاڳو ڪيل پابندين کي ختم ڪري. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بين پريس ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته ايران جو ايٽمي مسئلو هن وقت انتهائي اهم مرحلي ۾ آهي، ضروري آهي ته ان خلاف پابندين کي ختم ڪيو وڃي، جڏهن ته ايران به معاهدي تي عمل بحال ڪري ته جيئن اهو ٻيهر صحيح رستي طرف واپس موٽي سگهي.هن چيو ته چين تجويز ڏني آهي ته عالمي سيٽ ايٽمي معاهدي جي ميمبر ملڪن ۽ آمريڪا جي شرڪت سان منعقد ڪئي وڃي ۽ چين ان سان گڏ يورپي يونين جي تجويز جي به حمايت ڪري ٿو . ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ يورپي يونين آئي اي اي ۾ ايران خلاف ڪو قدم نه کڻي ته جيئن اها سيٽ جلد کان جلد منعقد ٿي سگهي.
255