255

آمدني کان وڌيڪ اثاثا: خواجا آصف جي جڊيشل رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت غير قانوني طور تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار دفاع واري اڳوڻي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خواجا آصف جي جڊيشل رمانڊ ۾ ڏهن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي ۽ ڪيس 12 مارچ تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايڊمن جج جوادالحسن جي عدم دستيابي سبب احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج اڪمل خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ٻڌڻي تي خواجا آصف کي سخت سيڪيورٽي ۾ جيل مان آڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت ۾ سندس حاضري مڪمل ڪرائي وئي. عدالت جي پڇڻ تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته خواجا آصف خلاف ريفرنس تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ جلدي عدالت ۾ داخل ڪرايو ويندو. عدالت نيب ڪيس جي حوالي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. احتساب عدالت لاهور ۾ خواجا آصف جي ٻڌڻي جي موقعي تي جوڊيشل ڪمپليڪس جي آس پاس جي روڊن کي ڪنڊيدار تارون ۽ ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو