ليکڪ: الطاف ابڙو
ڌرتي تي وسيلن جي اڻاٺ ۽ گدلاڻ سبب انسانن ۽ انسانيت کي رسندڙ نقصانن کان پوءِ سائنسدان ان ڪوشش ۾ آهن ته هاڻي قيمتي ڌاتن ۽ معدنيات لاءِ زمين جي ويجھي پولار ۾ موجود تارن تارڙن ۽ گرهن يا گرهڙن تي موجود کاڻين کي کوٽي اتان قيمتي ڌاتو حاصل ڪيا وڃن. ان عمل کي پولاري کاڻيون کوٽڻ يا آسٽرائڊ مائننگ جو نالو ڏنو ويو آهي.ان سلسلي ۾ ’پلينيٽري سائنس’ ۾ ڪجھھ عرصو اڳ ڇپيل هي خبر ڏاڍي اهم آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پولار ۾ ڪيتري نه وڏي انداز ۾ معدنيات ۽ ڌاتو توڙي ٻيون ڪيتريون ئي ڪارائتيون شيون موجود ٿي سگھن ٿيون. خبر هن ريت آهي ته،”مريخ ۽ مشتريءَ جي وچ ۾ هڪ اهڙو گرهڙو گردش ڪري رهيو آهي جيڪو مڪمل طور لوھ ۽ نڪل سان ٺهيل آهي. ان جي قيمت جو اندازو هڪ ڪروڙ کرب ڊالر لڳايو ويو آهي. يعني پوري دنيا جي سالياني ڪمائي کان هڪ لک پنجويهه هزار ڀيرا وڌيڪ. جرنل ۾ پڌري ٿيل هن تحقيق مطابق 16 سائيڪي نالي گرهڙي جو قطر اٽڪل 225 ڪلوميٽر آهي. تحقيق جي شريڪ ليکڪا ڊاڪٽر ٽريسي بيڪر هڪ بيان ۾چيو آهي ته،”جيتوڻيڪ اسان ٻين ڌاتن جا گرهڙا ڏٺا آهن پر هي پوري طرح سان لوھ ۽ نڪل جو ئي ٺهيل آهي. محققن جو خيال آهي ته هي گرهڙو اصل ۾ ڪنهن ٻئي گرهڙي يا گرھ سان ٽڪرائڻ سبب پورو گرھ بنجڻ کان رهجي ويو آهي.“ سائنسدانن الٽراوائلٽ ڪرڻن جي وسيلي ان گرهڙي جو اڀياس ڪيو آهي. هر عنصر ۽ مرڪب (ڪمپائونڊ) هڪ خاص انداز سان روشني کي جذب ڪري ٿو انهي ڪري ئي پولاري پنڊن (هيون باڊيز) مان ايندڙ روشنيءَ جو سپيڪٽروميٽر جي مدد سان مشاهدو ڪري پتو لڳائي سگھجي ٿو ته ان ۾ ڪهڙا عنصر شامل آهن. آمريڪي پولاري اداري ناسا هڪ پولاري جهاز تيار ڪيو آهي جيڪو 2022ع ۾ ان گرهڙي جي سفر تي روانو ٿيندو. هي جهاز صرف گرھ جي اڀياس لاءِ وڃي رهيو آهي. جنهن کي اٽڪل ٽيهه ڪروڙ ڪلوميٽر پري ان گرهڙي تي پهچڻ ۾ ڪي چار سال لڳي ويندا. اهڙي ئي طرح 2009ع ۾ هڪ ڪمپني نالي پلاٽينيم ريسورسز ان مقصد سان قائم ڪئي وئي هئي ته جيئن خلا ۾ تارڙن ۾ موجود پلاٽينم ۽ چاندي جهڙين معدنيات جي ڳولا ڪري زمين تي آندو وڃي. پر اها ڪمپني مناسب فنڊن جي کوٽ سبب پنهنجي ان مشن کي پورو نه ڪري سگھي. تڏهن به سندن اهڙي قدم ٻين ڪن فردن ۽ ادارن کي رستو ڏيکاريو ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي کان پوءِ ڪيترا ئي فرد ۽ ادارا اميد ڪري رهيا آهن ته ايندڙ ڪجھه سالن ۾ پولار ۾ به کاڻين جي کوٽائي ممڪن ٿي سگھندي. اهو ئي سبب آهي ته 2012ع ۾ گوگل جي باني ليري پيج گرهن جي وسيلن ۾ سيڙپ ڪئي. ان کان ورندڙ سال هڪ نئين ڪمپني ميدان ۾ لٿي ۽ 2016ع ۾ ناسا به اعلان ڪيو ته اهي سائڪ مشن روانا ڪندا. سائڪ مشن جي سربراه ايلڪنز ٽينٽن چيو ته،”ان سلسلي ۾ اها ڳالهه ذهن ۾ رهڻ گھرجي ته سائڪ هڪ سائنسي مشن آهي.“ جيتوڻيڪ اها مشن گرهن ۾ کاڻن جي کوٽ بابت نه آهي پر اهو ان سلسلي ۾ هڪ جٽادار آئندي جو بنياد ضرور وجھندو. ٿي سگھي ٿو ته اها ڳالهه ڪي قدر عجيب لڳي ته پولار ۾ کاڻن جي کوٽائي قابل عمل آهي پر خيال آهي ته اهڙي ڪارروائي ڌرتي جي ڀيٽ پولار ۾ وڌيڪ جٽادار ثابت ٿي سگھندي. اها هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي. هڪ خلائي محقق اينڊرياس هائن جو چوڻ آهي ته،”هي هن وقت تائين وارن خيالن مطابق سڀ کان چڱي ڳالھه آهي پر ان بابت ماضيءَ ۾ نه سوچيو ويو هو.“ ايندرياس هائن جو اندازو آهي ته ڪنهن راڪيت جي ذريعي خلا مان هڪ ڪلوگرام پلاٽينم آڻڻ ۾ 150 ڪلوگرام ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ خارج ڪرڻي پوندي. جڏهن ته دنيا ۾ کاڻين جي کوٽائي جي صورت ۾ اها مقدار 40 هزار ڪلو هوندي، ان جي معنيٰ ته خلا ۾ کاڻ کوٽڻ ڪيترا ئي سو ڀيرا وڌيڪ گھٽ آلودي هوندي. ڇاڪاڻ ته پلاٽينيم ئي اها معدنيات آهي جيڪا گرين هائوس گيسن جي نيڪال جو سڀ کان وڏو سبب آهي، ناسا جي سائڪ مشن جي سربراه لنڊي ايلڪنز ٽينٽن جو چوڻ آهي ته،”پولاري پنڊن تي کاڻين جي کوٽائي واري واپار جا امڪان اڃا ختم نه ٿيا آهن.“ اسان اڃا به اتي پهچي سگھون ٿا ڪو رستو لهي سگھون ٿا منهنجي خيال ۾ ته ڪنهن به معاملي ۾ هڪ لازمي انساني مستقبل آهي جنهن کان اسان پري نٿا رهي سگھون. جڏهن اسان تاريخ تي نظر وجھون ٿا ته اسان ڏسون ٿا ته ماڻهو حقيقت ۾ محقق ۽ کوجي رهيا آهن.، ماهرن جو چوڻ آهي ته، نيون ايجادون پولار ۾ کاڻين جي کوٽائي کي مالي طور ممڪن ۽ ڪارائتو بنائي سگھن ٿيون. ايتري قدر جو ڪي ڏهاڪا اڳ توهان اڄ جيڪي نيٽ تي وڊيو ز ڏسي رهيا آهيو اهي به ناممڪن لڳنديون هيون پر هن وقت انٽرنيٽ جي ذريعي توهان جتي ڪٿي اهي ڏسي سگھو ٿا. پولاري ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏهن پندرهن يا ويهن سالن ۾ ان سلسلي ۾ تمام گھڻي ترقي ٿي سگھي ٿي ۽ اهڙا امڪان به چٽا آهن ته انسانن کي ڌرتي تي کاڻين کوٽڻ جي ضرورت ئي نه رهي ۽ ان کان سواءِ انسان ماحولياتي گدلاڻ توڙي موسمياتي تبديلين جهڙن مسئلن کان به بچي وڃي ۽ ان سان اسان جي گرھه ۽ انسانيت کي موجود خدشا ۽ خطرا پڻ ختم ٿي وڃن.