ليکڪ: مشتاق گبول
اسحاق سميجي جي غزل کي الڳ رنگ جي دلڪشي آهي. هن وٽ غزل ۾ تاثر ۽ تصورن جي جيڪا دلفريبي آهي، سا تمام گهٽ شاعرن جي شاعريءَ ۾ ملندي. موجوده وقت ۾ غزل سڀ کان وڌيڪ لتاڙيل ۽ لويل صنف آهي، پر اسحاق هن صنف کي تازگي بخشي آهي. اسحاق جو غزل، موضوع، خيال، ٻولي ۽ پيشڪش ۾ انفرادي حيثيت وارو آهي. لهجي جي تازگي، خيالن جي نواڻ ۽ پيشڪش جي انفراديت، هن جي غزل کي الڳ مقام عطا ڪري ٿي. فڪري لحاظ کان اسحاق جي غزل جي زندگيءَ سان گهري وابستگي آهي ۽ ان وابستگي سبب ئي هن جي غزل ۾ زندگيءَ جي تڙپ وڌيڪ نظر اچي ٿي، سندس غزل ۾ وحشت، بي چيني، بي سُڪوني ۽ بيقراريءَ جي شدت سمايل آهي. جيڪا باھه وانگر ٻَرندي رهي ٿي.
ڌڙڪن کي ڪجھه سُڪون، نه ئي دل جي ذات کي،
ڦاڙي ڦٽي ڪيان مان سڄي ڪائنات کي.
باھه تي رت سان لکيو ھئم، عشق،
اھڙي وحشت وري مچي، ته جيئان.
واڻ وانگر، ڪڍي اندر پنهنجو،
ويهي وٽجي، ته ڪجهھ سُڪون ملي.
هڪڙي وحشت ڊُڪي ٿي نس نس ۾،
ماسُ پَٽجي، ته ڪجهھ سُڪون ملي.
موجوده دور جي غزل ۾ بي سُڪوني، وحشت، بي چيني ۽ بيقراري اهڙي شدت سان بيان ٿيل نٿي ملي. اها تڙپ، بي سڪوني، وحشت ۽ جنونيت اسحاق جي غزل کي پنهنجي همعصر شاعرن ۾ الڳ سُڃاڻپ بخشي ٿي. اسحاق جو غزل دلي وارتائن ۽ پُر جوش ڪيفيتن ۽ احساسن جو امين آهي. غزل جي صنف کي جيڪو وقار ۽ جيڪا ”غير معموليت“ گُهربل هوندي آهي. اهو وقار ۽ اها غير معموليت اسحاق جي غزل ۾ موجود آهي. سندس غزل ۾ تشبيهن، استعارن ۽ علامتن جي الڳ دنيا ته آهي ئي آهي، پر انهن فني اوزارن کان سواءِ به سندس غزل اظهار جي انفراديت ۽ خيالن جي جدت سبب به سنڌي شاعريءَ ۾ غير معمولي حيثيت رکي ٿو، ان حوالي سان هن جو ھيٺيون غزل ته هن جي غزلن ۾ بنهھ نئون ۽ انوکي رنگ جو آهي.
بدلجي ويا جڏهن معيار وحشت جا،
درندن ۾ قبيلا ڪجھه نوان آيا.
نه آھيڙِن، نڪو واگَهن ئي ڇرڪايا،
ھَرڻ بَن ۾ ھٺيلا ڪجھه نوان آيا.
رُسي وئين تون ته پَن پَن ٿي ڇڻي دنيا،
سرءَ تي اوجَ پيلا ڪجهھ نوان آيا.
بدن تنهنجي وسيلي ذائقا جڳ ۾،
سَجيلا ۽ رسيلا ڪجهھ نوان آيا؛
ان غزل کي خيال جي ندرت، اظهار جي تازگي ۽ رديف جي نواڻ، انفراديت بخشي آهي. اسحاق جي غزل ۾ ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ملي ٿو. ھُو عام ۽ معمولي ڳالهھ کي ٻوليءَ جي تخليقي استعمال ذريعي خاص ۽ غير معمولي بڻائي پيش ٿو ڪري.
رات ناراض ٿي اُٿي بيٺي،
باک هڪ شبنمي وڙهي ويئي.
ان شعر ۾ اسحاق رات گذرڻ جي معمولي ڳالهھ کي ”رات جو ناراض ٿي اٿي بيهڻ“ چئي، غير معمولي بڻائي ڇڏيو آهي. ٻوليءَ جي تخليقي استعمال ۽ تخليقي جماليات جي لحاظ کان اسحاق، شيام جي اسڪول آف ٿاٽ سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته سياسي شعور، سماجي حقيقت نگاريءَ جي لحاظ کان هن جو تعلق امداد حسيني جي اسڪول آف ٿاٽ سان آهي. اوهان امداد جي مجموعي”هوا جي سامهون“ ۾ شامل نظم ”هي فقيرن جا هجوم“ پڙهو ۽ اسحاق جو نظم ”گدلا چنڊ“ پڙهو ٻئي نظم ساڳي اسڪول آف ٿاٽ سان تعلق رکن ٿا ۽ ٻئي نظم سنڌيءَ جا اهم نظم آهن. ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو اسحاق جو نظم، امداد حسيني جي نظم جي اثر هيٺ لکيل آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسحاق سماجي معنويت، حالتن جي عڪاسي ڪرڻ جي حوالي سان امداد جي اسڪول آف ٿاٽ سان تعلق رکي ٿو. مان وري موٽان ٿو اسحاق جي غزل ڏانهن. جيڪو ٻوليءَ جي تخليقي استعمال، تخيل ۽ تصورن ذريعي نوان ۽ دلڪش نقش پيش ٿو ڪري. تخليقي جماليات سندس غزل جو سگهارو پاسو آهي، غزل ۾ هن جي تخليقي جماليات جا ڪيئي گُل پنهنجي واس ۽ ون سان نکريا بيٺا آهن.
هڪڙو ڪو مرد آهي پوپٽ ۾،
هڪڙي عورت گلاب ۾ آهي.
بادل چَري رهيا هن،
اُس کي هُتان هِتان کان.
رات وانگي دُٻو، ڪِنو ڪارو،
چنڊ وانگي ڪنول هو ڪائيءَ ۾.
پُراڻي رَئي جيان منظر لڳي ٿو،
وچان ڦاٽل ندي آ لِيڙ ڪائي.
مٿين شعرن ۾ ڏٺل وائٺل منظر ۽ عڪس آهن. جن کي تخليقي ڪاريگريءَ سان نئين انداز ۾ نئين سر تخليق ڪيو ويو آهي ۽ اهي شعر تخليقي جماليات جا حسين نمونا آهن. هن جي غزل ۾ سياسي شعور آهي. تنهنڪري سندس غزلن ۾ ڪيترائي شعر اهڙا ملن ٿا، جن ۾ سنڌ جي سياسي حالتن جي عڪاسي ملي ٿي.
جوان گم ڪيا ويا، نشان گم ڪيا ويا،
سدائين سنڌ تنهنجا، آسمان گم ڪيا ويا؛
ناهيان حُسين آنءُ، نه ئي سنڌ ڪربلا،
گهوڙن تڏهن به گهيريو منهنجي فِرات کي؛
اسحاق جي غزل ۾ سياسي حالتن جا عڪس آرٽ ۽ علامت جي رنگ ۾ ملن ٿا. ”جُگنو“ هن جي غزل جي خاص علامت آهي.
هيڏي اوندھِ ڇا ھَڪلي،
ٽِم ٽِم هڪڙي جُگنوءَ جي.
جُگنوئن جي نسل ڪشي ٿي آ،
اڳ ۾ ايڏي ڪٿي هئي اونداهي؛
غزل جو اصل روح رومانس آهي. اسحاق جي غزل ۾ رومانس بلوغت تي پهتل نظر اچي ٿي. هن جي غزل ۾ رومانس ۾ ڪٿي به سطيپُڻو نه ملندو. هن رومانس کي تخليقي سطح تي ورتايو آهي.
تون لنگھيو آهين ھِتان ڪڏهين نه ڪڏھين،
راھَ ۾ رابيلَ ڪجهھ مَھڪي رهيا هئا.
تون ته مُرڪڻ سان ڀي لشڪر کي ڇڏين هارائي،
توکي تلوار ٿيڻ جي ڪٿان عادت پئي آ.
سماعت ۾ عَطر اوتي ڇڏي ٿو،
سُڳنڌن مان ٺهيل آواز هڪڙو.
پاڻ کان دُور ٿو رهان ليڪن،
تون سڏيندين ته مان ڀڳو ايندس.
مُرڪي ڏٺئي ته رات ۾ جُگنو ٻَرڻ لڳا،
اکڙيون کنيئي ته چنڊ جو چھرو شفاف ٿيو.
غزل ۾ مرڪزي جذبي، مجموعي وحدت، تاثر ۽ تاثير جي وڏي اهميت هوندي آهي. ڪن غزلن ۾ رديف جي اُڻت ۽ انوکائپ سبب مرڪزي جذبي جو تعلق رديف سان ئي هوندو آهي.
انڌيري کي ھٽائڻ لئه بَتي ٻاريان،
يا پنهنجو پاڻ پائڻ لئه بَتي ٻاريان.
غزل جي ان مطلع ۾ مرڪزي جذبو ”بتي ٻاريان“ سان شروع ٿئي ٿو ۽ هر شعر تي ان جي ڇاپ نظر اچي ٿي. غزل جي هر شعر جي خيال تي رديف جي گرفت آهي. رديف اهڙو رکيو ويو آهي، جو غزل جو ڪو به شعر مرڪزي جذبي جي گرفت کان پاڻ ڇڏائي نٿو سگهي. غزل جا شعر الڳ الڳ هجڻ باوجود مرڪزي جذبي جي معنيٰ ۽ مفهوم ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. پوءِ اهو ”اکين جو آزمائڻ“ هجي، ”منظر مٽائڻ“ هجي يا ”اندر جي گهگھه گهٽائڻ“ هجي، ان ۾ ”بتي ٻاريان“ جو مرڪزي جذبو، هر شعر جي ڪيفيت تي ڇانيل آهي. اسحاق جا اهڙا ڪيئي غزل آهن، جن جي رديف ۾ ئي غزل جو مرڪزي جذبو پنهان آهي.
ٺلهي اعتبار تي هلندينءَ، هلي سگهندينءَ،
چري دل تار تي هلندينءَ، هلي سگهندينءَ.
ان غزل جو به مرڪزي جذبو، رديف سان تعلق رکي ٿو. اهو غزل نظماڻي رنگ جو آهي. جيتوڻيڪ غزل جو هر شعر الڳ احساسن ۽ جذبن تي آڌاريل آهي، پر غير شعوري طور تي موضوع ۽ خيال جي تسلسل ۽ مسلسل بياني سبب غزل تي نظماڻو رنگ وڌيڪ گهرو ۽ گهاٽو نظر اچي ٿو. اسحاق جو هڪ غزل اهڙو به آهي، جيڪو غزل جي فن ۾ هڪ تجربو ۽ هڪ نئين فني روايت جو نمونو آهي.
شاعري معنيٰ تون،
زندگي معنيٰ تون.
ڪاڇڙو معنيٰ مان،
ميگهڙي معنيٰ تون.
هڪ نگر معنيٰ مان،
هڪ ندي معنيٰ تون.
هڪ مڇي معنيٰ مان،
هڪ ڪُنڍي معنيٰ تون.
ان غزل جو مرڪزي جذبو صرف ان جي رديف ”معنيٰ تون“ تي آڌاريل ناهي، پر غزل جي هر شعر جي پھرئين مصرع ۾ رديف وانگر ڪتب آيل لفظن ”معنيٰ مان“ تي به آڌاريل آهي. ان غزل ۾ لفظ ”معنيٰ مان“ غزل جي مرڪزي جذبي کي شدت سان بيان ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ غزل جي تاثر ۽ تاثير ۾ اضافو پڻ ڪن ٿا.