226

اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو…!!

ليکڪ: اسد چاچڙ

زندگي ھر ماڻھو کي ھڪ دفعو ملي ٿي، قدرت طرفان مليل ان تحفي کي ھن سماج ۽ معاشري ۾ رلي ملي نپجڻو پوي ٿو، ماءُ جي هنج کان پيرڙي پنڌڙي تائين گهرڀاتي، پاڙو ۽ پوءِ سماج، قدرت ڪنهن به روح کي ڪٿي پيدا ڪري پر سماج جو پنهنجو نمونو آهي، غريبي، اميري، تعليم، ٻهراڙي، شهر، شعور، ذات، جيڪو جنهن گهر ۾ پيدا ٿيندو، سندس سڃاڻپ ۽ ڀرپاسي جو ماحول اهڙي ئي ملندو، جنهن جو ذڪر ڪيم، محمد خان ابڙو به اهڙن ماڻهن مان آهي، سندس آتم ڪٿا مطابق هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيل هن شخصيت پنهنجي زندگي ۾ ڪمال پئي ڪيو آهي، سندس آتم ڪٿا ڪتاب ۾ هن پنهنجي خاندان، پيءُ، ماءُ، ڀيڻ، ڀائرن، زندگي، ڪرت، مزدوري، همت ۽ ڪردار جو سربستو احوال سلوڻي ۽ سڌي نموني ڪيو آهي، اهڙي نموني سان جو سندس ڀائرن غلام حسين، غلام قادر، ڪريم بخش، محمد اسحاق ۽ ڌڻي بخش جي سموري لائيف جو اسڪيچ به سامهون اچي وڃي ٿو، محمد خان ابڙي جو غائبانا تعارف ۽ ڪجهه عام ڄاڻ ته چئن سالن کان آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس آتم ڪٿا ڪتاب مليو ۽ وري ٻن ڏينهن اندر ساڻس ملاقات به نصيب ٿي، مون هي آتم ڪٿا پڙهندي ۽ سندس ڪيل گفتگو ۽ هن جي سچائي، ايمانداري ۽ اڏول هجڻ کي محسوس ڪيو آهي، سندس ٻالڪپڻ جي مزدوري، اسڪول پڙهڻ، اسڪول ڇڏڻ، برف ڊيپو تي ڪم ڪرڻ، پهلوان بڻجڻ، ڌاڳي مل تي مزدوري، بسڪٽ سپلاءِ ڪرڻ جي مزدوري، دوستن کي ڏسي تعليم جو وري شوق جاڳڻ، قاضي فاروق کان ٽيوشن وٺڻ، تعليم بالغان تحت اڪيلي شاگرد جي حيثيت ۾ پڙهڻ، مطلب ته هن ننڍپڻ جي زندگي ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو. ملاقات ۾ چيائين ته ادا آئون ڪو اديب يا ليکڪ نه آهيان، زندگي جون يادون مڙئي لکي ويٺو آهيان، پر جڏهن سندس ڪتاب پڙهيم ته هن سهڻي انداز ۾ هر ڳالهه جي ترتيبوار يادگيري لکي آهي، سيوهڻ جي خوبصورت تاريخ، سيوهڻ جون گهٽيون، سيوهڻ جا چوڪ، قلندر شهباز جي مقبري، قلندر ڌمال جو سربستو ذڪر، سيوهڻ جي سيدن ۽ مختلف خاندان جو حوال، سيوهڻ ۾ ٿيندڙ امام حسين عه جي عزاداري، اٺن جا ماتلي قافلا، ڇا ته بيان ڪيو ويو آهي، 1964ع کان 1978ع تائين مختلف ذاتي قصن، ڪهاڻين ۽ ڪردارن جو ذڪر ڪيو اٿس، ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي ڳالهه ڪرڻ هڪ دلير قصاگو جو ڪم هوندو آهي، هن لکيو آهي ته سيوهڻ جا ماڻهو اسان کي ڦڏائي، ڏنگو ۽ ڏکيو به سمجهندا رهيا، ڇو ته هنن پاڙيسري ڳوٺ ٻلهڻ مان اچي سيوهڻ ۾ هندن جي ڇڏيل جڳهين ۾ ديرو ڄمايو، 1978ع ۾ ٽن ڏينهن اندر ٻن ڀائرن جا روڊ حادثا ۽ اسپتالن جا چڪر وارا ڏک به هن سربستا لکيا آهن، ابڙي صاحب جي ڪاليج واري دور جي همٿ مون کي ڏاڍي وڻي، جڏهن هن بااثر وڏيري جي يونين واري عهديدارن کي ڦهڪو ڏياريو ۽ سندس حڪمت عملي ۽ همٿ سان شاگرد سياست وارو دور ڪاميابي ۽ نالي وارو رهيو، محمد خان ابڙو اهو ڀاڳوند ماڻهو آهي، جنهن کي ڪامريڊ علڻ ٿيٻي معرفت سائين جي ايم سيد جو خط مليو ته ضلعي انتظاميا سان ڳالهه ٿي وئي آهي، اوهان جا اڳواڻ آزاد پيا ڪن، اوهان پوليس اسٽيشن جو ڌرڻو ختم ڪري سن اچو ۽ منجهند جي ماني اچي هتي کائو، سندس آتم ڪٿا ۾ جي ايم سيد بابت وڏو مواد شامل آهي، هن ڪاموري زاهد صاحب جي ورتل ڪمن جي چڱيائين جو ذڪر به سهڻي نموني ڪيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ۾ نوڪري واري زماني ۾ هن ڊيموڪريٽڪ ورڪرز يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان رجسٽرڊ ڪرائي ۽ ان جو سرپرست به ٿيو، هن آتم ڪٿا مان محسوس ڪيم محمد خان ابڙي کي خوداعتمادي، همٿ ۽ اڏول فيصلن تي بيهڻ ۽ انهن تي اڳڀرائي ڪرڻ وڏو ڪم آيا، سندس زندگي هڪ مزدور کان آفيسر تائين ۽ هيل تائين ڪمال جو ڦيرو کاڌو، سندس پيارن دوستن فقير داد کوسي کان وٺي ڪيترن ئي ساڻس ساٿ نڀايو ته محمد خان ابڙو به سندن ٻانهن ٻيلي ٿيو، محمد خان ابرو سنڌ جو قومي اثاثو، وطن دوست، غريب پرور ۽ يارن جو يار آهي، سندس زندگي ۽ هن آتم ڪٿا ڪتاب تي فخر آهي ۽ اهو ڪتاب سنڌي جي آتم ڪٿائن ۾ سٺو اضافو پڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو