ليکڪ: عابد مهيسر
قومون ھميشه پنهنجي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تھذيب ذريعي ئي سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ ان جي ڪري ئي دنيا ۾ عزت ۽ شھرت پڻ حاصل ڪن ٿيون، شاعر، اديب ۽ فنڪار ئي اصل ۾ تھذيبن جا اڏيندڙ ۽ ٻوليءَ جا رکوالا ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان، فڪر ۽ پرچار سان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي نئين جواني ۽ جوڀن بخشيندا آھن ۽ گڏوگڏ ثقافت کي نسلن سان روشناس ڪرائيندا آھن ۽ وقت جي وهڪري جي دَزَ سبب ثقافت جي مڌم ٿيندڙ رخن کي پڻ اجاگر ڪندا آھن ۽ اھوسلسلو پيڙھي در پيڙھي ھلندو رھي ٿو، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي ان حوالي سان سدائين خوشقسمت رهي آھي ۽ سنڌي ثقافت ھميشه دنيا جي مڙني ثقافتن ۽ تھذيبن ۾ وڌيڪ شاهوڪار ۽ قديم آھي، نه صرف ايترو پر سنڌو سڀيتا دنيا جي سمورين سڀيتائن ۽ تھذيبن جي مؤجد آھي، جنهن ڪري سنڌو تھذيب کي ”امه التھذيب“ چيو وڃي ٿو ۽ ان تهذيب واري ڌرتي سدائين پنهنجي ڪک مان املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن، جن ۾ 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ مبارڪ علي اياز پٽ غلام حسين شيخ به هڪ آهي، اياز جي شاعريءَ ۾ لطيفيت ۽ لطيفي احساس سمايل آهن، هن جو ڌرتي سان اڻٽٽ رشتو جڙيل آهي ۽ هو جڏهن به سنڌ تي ڪا ڏکي گهڙي ڏسي ٿو ته چوي ٿو ته ؛
سھندو ڪير ميار، او يار !
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو،
اياز جي ڪوَتائن ۾ وطن پرستيءَ جا کوڙ مثال موجود آھن سندس شاعريءَ ۾ رڌم ۽ موسيقي به سنڌوءَ جيان لھرن ۽ مؤجن ۾ بکندي آھي، جنهن جا به کوڙ مثال موجود آھن، پنهنجي پوري لوازمات سميت ھن دؤر ۾ اسان وٽ علمي ادبي حوالي سميت ھر مڪتب فڪر جو اتم ۽ سندر ويچار رکندڙ ۽ سماجي ادراڪ رکندڙ ڪردارن سان گڏ مڃيل ۽ مقبول اديب ۽ شاعر پڻ موجود آھن جي پنهنجي ڪرت ۽ ڪلا سان نه صرف پنهنجو پاڻ ملهائي رهيا آھن پر پنهنجو پاڻ موکي به رهيا آھن، شيخ اياز جون علمي ۽ ادبي خدمتون نسلن تائين بحال ۽ برقرار رهنديون بنا ڪنهن سرحد يا حدبندين جي!، اياز موجوده دؤر جي سمورن مشھور ۽ مقبول شاعرن ۾ ھڪ خاص مقام ۽ مرتبو رکندڙ علمي ادبي شخصيت آدرشي انسان هو ۽ سنڌي شاعريءَ جو اهم ۽ خاص شاعر هو، ڇو ته سندس شاعري عوامي شاعري آھي، شيخ مبارڪ علي اياز پنهنجي حساسيت ۽ محبتن جي مڌ سان سرجيل راڳ جي جهاڳ ۾ رچيل رچنائن ذريعي دلين تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ اياز موجوده شاعرن توڙي اديبن ۾ بيمثال ۽ منفرد آھي ۽ سندس شمار دنيا جي اھڙن سرجڻھارن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سبب امر ٿي ويا، جن کي ڏات ڌڻي چيو وڃي ٿو، اياز جي شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان انتهائي اؤج ۽ عروج تي پهتل نظر ايندي،اياز دنيا جي ڏکن تي اداس ٿئي ٿو، ڇوته اياز جي دل ڪنهن جو به غم برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ هو پوري انسانذات سان پيار ڪري ٿو. اياز جي شاعري فن ۽ فڪر جي پختگيءَ سان سرشار آھي، جي ڏٺو وڃي ته اياز ادب جي هن منظم ۽ نظم ضبط واري اسلوب کي البيلو پن ۽ شوخ چنچلتا ارپي ۽ نئين انداز ۾ نروار ڪيو.
ھونءَ ته پل پل ڪوڙو سڪو،
ڪنهن ڪنهن پل کي ڪنچن ڪاريا.
اياز کي پنهنجي حالتن، سماج، تھذيب ۽ تمدن جو ڳوڙھو اڀياس پڻ ھو، شاھه لطيف ۽ سندس سٿ کان پوءِ اياز ئي اهو شاعر آھي جنهن ديس واسين سميت پوري انسانيت جي پرچار ڪئي ۽ سندس ڪلام/شاعريءَ ۾ فطرت جا مڙيئي رنگ چٽيل آھن. اهو چوڻ مناسب آھي ته سنڌي شاعري (ٻولي) کي ھڪ جنم شاھ لطيف ڏنو ۽ ٻيو جنم اياز ڏنو، شاھ لطيف به سنڌي شاعري کي ڌارين ٻولين ۽ انهن جي اثرن کان ڇوٽڪارو ڏياريو ۽ زوال طرف وڌندڙ سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف نئين زندگي بخشي پر اؤج ۽ عروج تي به پهچايو ۽ سنڌي شاعري به سنڌو سڀيتا وانگر اؤج تي پهتي ۽ ان طرح اياز به سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي اصلي اسلوب ڏانهن واپس آندو، نه ته ڪو وقت اھڙو به ھو جڏھن سنڌي شاعريءَ جي صرف ٻولي سنڌي ھئي پر خيال، مزاج ماحول سماج، موضوع، استعاره، علامتون ۽ تشبيهون وغيره سڀ ڌاريا ھئا، مطلب پراون ويچارن کي صرف لباس سنڌي هو. سنڌي شاعري کي ديسي بحر وزن ڇنڌ وديا بدران فارسي بحر وزن، علم عروض ۾ رچيو پئي ويو ۽ سنڌي شاعري کي فارسي يا ايراني ماحول ۽ مزاج سان سرجيو ويندو هو، تشبيهون، ڪنايا ۽ استعاره به ايراني ۽ عربيءَ جا استعمال ڪيا ويندا هئا، جنهن سبب عام سنڌي ماڻھو اھڙي قسم جي شاعري کان اڻڄاڻ ۽ اڻ واقف رهيو، شيخ اياز ۽ سندس همعصرن، جنهن ھمت ۽ جرئت جو مظاھرو ڪندي سنڌي شاعريءَ کي ڌارئي مزاج ۽ ماحول مان نجات ۽ ڇوٽڪارو ڏياريو، اهو سچ ته سنڌ ۾ هڪ وڏو انقلاب هو، اياز جديد سنڌي شاعريءَ جي بانيڪارن مان آھي ۽ سنڌي شاعريءَ کي حقيقت ڏانهن پڻ راغب ڪيو. خيالي ۽ تصوراتي تخيل کي هڪ نئون دڳ ۽ دستور ڏنو ۽ روايتي طور طريقن کي رد ڪيو، اياز کي پنهنجي ٻولي ۽ زبان تي عبور حاصل هو ۽ وسيع ۽ گهرو مطالعو ۽ اڀياس هو جنهن ڪري تمام ڏکين موضوعن کي به خوبصورتيءَ سان وڻندڙ لفظن جو ويس ڍڪائڻ جو ادراڪ ۽ هنر هئس، اياز جي شاعريءَ ۾ سندس ديس واسين جو گھڻو عمل دخل نظر ايندو، سندس ڪردار، استعاره، تشبيهون ۽ علامتون به خالص ديسي آھن پر ھيئت جي لحاظ کان به اياز ديسي صنفن تي گھڻو ڌيان ڏنو آھي، اياز پنهنجي شاعريءَ ذريعي ديس واسين جو آواز به هو ته ھٿيار به هو، ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ جڏھن سنڌ جي وحدت ۽ خود مختياري کي لتاڙيو ويو، سنڌ تي ظلم ۽ بربريت ڪئي وئي ته اياز خاموش تماشائي بنجي نه ويٺو پر ان خلاف سخت مزاحمت ڪئي ۽ شعرن جي روپ ۾ زبردست گجگوڙ ڪئي، سموري سنڌي شاعريءَ کي ان طرف مائل ڪيو ۽ پنهنجي سنڌ واسين سان ھم قدم رھيو، اياز قومي ھلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان راه ۾ ڪافي اذيتون ۽ سعوبتون به سٺائين ته سخت کان سخت تڪليفون به ڏٺائين ۽ صبر سان برداشت ڪيائين پر پنهنجي محاذ تي ثابت قدميءَ سان بيٺل رهيو.اياز سنڌ جو عومي شاعر آھي کيس پنهنجي سنڌ سان خاص عقيدت آھي سندس شاعري ان جو کليو ثبوت آھي سندس خيال ۽ فڪر جي گهرائي سندس شعرن تي ڇانيل آھي ڪو به شعر اجايو يا بي معنيٰ محسوس نه ٿيندو، سنڌ جي ھن عظيم ۽ ڪامل شاعر ٢٧ ڊسمبر ١٩٩٧ع ۾ وفات ڪئي.