ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو
صدر بائيڊن جي چونڊجي اچڻ کان پوءِ وچ اوڀر ايشيا جي عرب ملڪن جي سربراھن کي فون نه ڪرڻ تان آمريڪي ميڊيا ۾ تبصرا جاري ٿي ويا ھئا ته ڪٿي سعودي بادشاھت ڏچي ھيٺ نه اچي وڃي، ڇاڪاڻ ته بائيڊن انتظاميا يمن جي جنگ ۾ سعودي عرب جي زميني يا ھوائي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن مان اندازو لڳايو پئي ويو ته شايد ايران سان ائٽمي ٺاهه کي بحال ڪرڻ جي لاءِ سعودي بادشاهه کي سوڙهو ڪيو ويندو، پر ساڳي وقت تي ھيءَ ڳالهه وڌيڪ اھميت اختيار ڪري وئي جو پرڏيهي سيڪريٽري اينٽوني بلنڪن ڏکڻ ڪوريا کي اشارو ڏنو آهي ته ھو ايران کي ھڪ ارب ڊالر ڏي، ڏکڻ ڪوريا گهڻي وقت کان آمريڪي پابندين جي ڪري ايران جا اربين ڊالر پاڻ وٽ رکيو ويٺو هو، جڏهن ته 2015ع جي ٺاهه جي پس منظر ۾ بارڪ اوباما حسن روحاني کي شاهه ايران جا ھڪ سئو ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو پر بائيڊن انتظاميا گذريل جمعي تي شام ۾ موجود ايران جي ويڙھاڪ تنظيمن ڪتائب حزب الله ۽ ڪتائب سيد الشھداءَ جي ڪئمپن تي ھوائي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ويڙھاڪ مارجي ويا ۽ سندن بارود پڻ تباهه ٿيو، ھن حملي جو ھڪ مقصد اهو به آهي ته ايران کي ھڪ حد تائين رعايت ڏني ويندي نه ڪي کيس يا سندس ويڙھاڪن کي اھا اجازت ھوندي ته اھي آمريڪي مفادن تي حملا ڪن ۽ نه ئي اھي اسرائيل تي حملي ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهن، بائيڊن جي صدر ٿيڻ کان پوءِ ھي پھريون حملو آهي جيڪو عراق ۾ قتل ٿيندڙ ھڪ آمريڪي ۽ ھڪ اتحادي جي قتل جو بدلو آهي، جيتوڻيڪ ايران جا حامي ويڙھاڪ شام جي صدر اسد جي حمايت ۾ وڙهي رهيا آهن پر صدر اسد جي اھم حمايتي فوج روس جي آهي، اھڙي پس منظر ۾ نيٺ صدر بائيڊن سعودي عرب جي بادشاهه سلمان کي فون ته ڪئي، جنهن ۾ انساني حقن جي ڳالهه ڪرڻ کان سواِءِ ٻي ڪا به خبر ظاهر نه ٿي پر ظاهر وري جمال خشوگيءَ جي قتل جي رپورٽ ٿي، جنهن کي آمريڪي ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس پڌرو ڪيو، جنهن ۾ اھو ٻڌايو ويو آهي ته خشوگيءَ جي قتل جي سڌي منظوري محمد بن سلمان ڏني ھئي، جنهن جو اھم مقصد ٻاھرين ملڪن ۾ محمد بن سلمان جي مخالفت ڪندڙن کي خاموش ڪرائڻ آهي، ھن رپورٽ جي ظاهر ٿيڻ سان ئي پرڏيهي سيڪريٽري اينٽوني بلنڪن ٻڌايو ته خشوگيءَ جي قتل ۾ ملوث محمد بن سلمان ۽ سندس محافظ ٽائيگر فورس جي 76 ڄڻن تي سفري پابندي لڳائي ويندي، جنهن ۾ محمد بن سلمان جي خاندان جا ڪجهه فرد به شامل ڪيا ويندا، خشوگيءَ جي قتل ۾ محمد بن سلمان کي سڌيءَ طرح سان ملوث ڪرڻ سان ئي بائيڊن انتظاميا کان آمريڪي ميڊيا سوال ڪري رهي آهي ته خشوگيءَ جي قتل جي رپورٽ کان پوءِ بائيڊن انتظاميا ڪھڙا قدم کڻندي ڇاڪاڻ ته سعودي عرب آمريڪا جو اھم عسڪري اتحادي ملڪ آهي، جيڪو آمريڪا جو افغان جھاد کان وٺي يمن، شام، عراق، لبيا، لبنان ۽ مصر جي عدم استحڪام کان سواِءِ مختلف محاذن تي ساٿ ڏيندو رهيو آهي، ان کان سواِءِ محمد بن سلمان ڊيل آف دي سينچري ڪرائڻ جي لاءِ عرب ملڪن کي اسرائيل سان بھتر لاڳاپا ڪرڻ جو پڻ اشارو ڏنو ھو ۽ ساڳي وقت تي آمريڪا جي ڪرندڙ معيشت کي ڪلھو ڏيندي صدر ٽرمپ کي ھٿيارن جي مد ۾ وڏي رقم ڏني پر ھن ٽرمپ کي ٻيھر چونڊرائڻ لاءِ پڻ وڏي سيڙپڪاري ڪئي، جنهن جي ڪري به محمد بن سلمان بائيڊن انتظاميا جي لاءِ اھم نه رهيو آهي، شايد ھنن جي ترجيح شھزادو نائف نه ھجي، اھڙي پس منظر ۾ صدر بائيڊن شاهه سلمان کي فون ڪئي پر ھن محمد بن سلمان کي اھا اھميت نه ڏني جيڪا ھن کي ٽرمپ ڏيندو ھو، خشوگيءَ جي قتل جي رپورٽ ظاهر ٿيڻ کان پوءِ سعودي عرب ۽ سندس اتحادي عرب ملڪن آمريڪي رپورٽ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي پر عالمي ميڊيا جي تبصري مطابق ڪٿي صدر بائيڊن جا سخت قدم سعودي عرب ۽ سندس اتحادين کي چين جي ويجهو نه ڪري ڇڏين ۽ اھڙا لاڳاپا قائم ڪرائڻ ۾ صدر پيوٽن اڳڀرائي نه ڪري وجهي جو سعودي عرب ۽ روس تازو آرمينيا واري جنگ ۾ گڏ ھئا، صدر بائيڊن جي وچ اوڀر واري تازي پاليسيءَ مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هو آمريڪا جي طاقت کي عالمي اڳواڻن جي آڏو ظاهر ڪرڻ ٿو چاهي پر ھتي ھي سوال ٿو اڀري ته آمريڪا جي آڏو ڏکڻ چيني سمنڊ کان وٺي وچ ايشيا جي ملڪن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ کان سواِءِ لاطيني آمريڪا ۽ آفريقا کان سواءِ ڀونچ سمنڊ جا محاذ موجود آهن پر وچ اوڀر ايشيا ۾ پنهنجي اھم اتحادي ملڪ سعودي عرب کي ڇو ٿوسوڙهو ڪري؟ ھن سوال جو جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته سعودي عرب ايٿوپيا ۾ ٽگري واري علائقي ۾ شروع ٿيندڙ جنگ جنهن کي صرف ڦوڪ ڏيڻ جي دير آهي ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي، جنهن جو اھم مقصد 17 ڪيميائي عنصر جن کي اڻلڀ ڌاتو يا ريئر ميٽل سڏن ٿا اھي اڄ جي دور ۾ موبائيل فون ۽ ان جي ھر ايپليڪيشن، اليڪٽرانڪس جو ھر سامان خاص طور تي ڪمپيوٽر سان تعلق رکندڙ ٽيڪنالاجي ۽ جديد ھائبرڊ گاڏيون، جھاز ۽ پاڻيءَ وارن جنگي ٻيڙن، آبدوزن کان وٺي راڪيٽن تائين استعمال ڪيو ٿو وڃي ۽ هن اڻلڀ ڌاتوءَ تي چين جي ھڪ ھٽي آمريڪا کان برداشت ٿيڻ ڏکي ڳالهه آهي، تنهن جي ڪري ويجهي مستقبل ۾ دنيا اندر ڪنهن به ملڪ ۾ جنگ لڳڻ يا اتي عدم استحڪام جو مقصد اڻلڀ ڌاتوءَ کي ھٿ ڪرڻ ھوندو نه ڪي تيل جا ذخيرا ھوندا، اھو ئي سبب آهي جو صدر بائيڊن وچ اوڀر ايشيا جي عربن سان سخت رويو رکيو آهي، اڻلڀ ڌاتوءَ جي اھميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته عالمي سيڙپڪار آمريڪا، چين ۽ ٻين اسريل ملڪـن کي فنڊنگ ڪري رهيا آهن ته ھو ڌرتيءَ کان ٻاهر ڪنهن شمسي گرھه تي ڪو اھڙو ڌاتو ڳولي لھن جنهن جي استعمال سان پيٽرول ۽ ڊيزل مان جان ڇڏائي بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ بيٽرين ۾ استعمال ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ ته عالمي سطح تي گلوبل وارمنگ سڀني اشوز کان اھم آهي، جنهن جي لاءِ بائيڊن انتظاميا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان عالمي سطح تي ڪو ٺاهه نه ڪري سگهياسين ته اھو گڏيل خودڪشيءَ جي ٺاهه تي صحيح ڪرڻ ھوندو، پر چين، روس ۽ ھندستان آمريڪا جي اھڙي اڳڀرائيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي مريخ تي خلائي مشن موڪلي رهيا آهن ته جيئن ڪو اڻلڀ ڌاتو ملي پوي، گلوبل ٽائيمز جي رپورٽ مطابق چين ھلندڙ سال چاليھن کان مٿي خلائي مشن موڪليندو، اڪنامڪ ميگزين مستقبل جي ٽيڪنالاجيءَ واري جنگ تي ھڪ تفصيلي رپورٽ لکي آهي ته ڪيئن عالمي قوتون ۽ سيڙپڪار دنيا کي ٽيڪنالاجيءَ واري جنگ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.