197

پي ٽي آءِ ايم پي ايز اسلم ابڙو ۽ شهريار شر پيپلز پارٽي هٿان يرغمال بڻجڻ وارين ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن اسلم ابڙو ۽ شهريار شر پيپلز پارٽي هٿان يرغمال بڻجڻ وارين ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. سندن چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن باغي اڳواڻ ڪريم بخش گبول کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪريم بخش گبول اسان سان گڏ پي ٽي آءِ کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. هنن چيو ته اسان ٻار نه آهيون جو ڪو اغوا ڪري، پي ٽي آءِ وارا ڊراما بند ڪن، اسان جو ضمير اجازت نٿو ڏئي ته پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيون، پارٽي ۾ آهيون ۽ رهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو