171

پي ٽي آءِ جي پاليسي سان پنهنجا ئي ميمبر اختلاف رکن ٿا، سڀني ميمبرن کي حق آهي ته هو جنهن کي چاهين ووٽ ڏين: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ جهيڙي ۽ هنگامي کانپوءِ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن وچ ۾ جهيڙي کانپوءِ پي ٽي آءِ ميمبر مبينا طور باغي ايم پي اي ڪريم بخش گبول کي کنڀي ويا، کيس سنڌ اسيمبليءَ ٻاهريان بيٺل ڪار ۾ ويهاري کنڀيو ويو، پر ڪريم بخش گبول ٻڌايو ته هو پنهنجي مرضي سان وڃي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي ميمبر پوئتي هٽي ويا. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اغوا ۽ پئسن وارن الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي، پي ٽي آءِ جا ٽيئي ميمبر پنهنجي مرضيءَ سان آيا هئا ۽ پي ٽي آءِ قيادت سان ناراضگي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پاليسي سان پنهنجا ئي ميمبر اختلاف رکن ٿا، پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ميمبرن به پنهنجي پارٽي کان ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، هر جاءِ تي هنن جا پنهنجا ماڻهو سندن پاليسي مان تنگ آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، سڀني ميمبرن کي حق آهي ته هو جنهن کي چاهين ووٽ ڏين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو