176

پي ٽي آءِ جي ٽن ميمبرن کي اڄ اغوا ڪيو ويو هو، جهيڙي دوران مون کي به ڌڪا ڏنا ويا: شهلا رضا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اڳواڻ شهلا رضا چيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٿيل جهيڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿي، جهيڙي دوران پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي نه رڪيا، جڏهن ته هڪ ڄڻي مون کي ڌڪو ڏنو. سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهلا رضا جو چوڻ هو ته سڀاڻي سينيٽ اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيندي ۽ حڪومت کي شڪست نصيب ٿيندي. پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن جي اغوا بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ پ پ اڳواڻ شهلا رضا جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي ٽن ميمبرن کي اڄ اغوا ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو