162

سينيٽ چونڊون: قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ وارو عمل شروع، قومي اسيمبليءَ ۾ 341 مان 340 ووٽ ڪاسٽ، جماعت اسلامي ميمبر ووٽ نه ڏنو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي سميت سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين ۾ سينيٽ جي 37 سيٽن تي پولنگ وارو عمل ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي. رپورٽن مطابق پنجاب جي سمورين 11 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اسلام آباد جي 2، سنڌ جي 11، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي 12_12 سيٽن لاءِ ووٽ وڌا ويا. ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سميت سمورن صوبائي اسيمبلين جي هال کي پولنگ اسٽيشن جو درجو ڏنو ويو. پولنگ دوران قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي موبائل اندر کڻي وڃڻ تي لاڳو پابندي تي سختي سان عمل ڪرايو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ پهريون ووٽ تحريڪ انصاف جي شفيق آرائين، جڏهن ته ٻيون ووٽ فيصل واوڊا ڪاسٽ ڪيو، سنڌ اسيمبلي ۾ سڀ کان پهريون ووٽ مير شبير بجاراڻي ڪاسٽ ڪيو، خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پهريون ووٽ جي يو آءِ ف جي هدايت الرحمان ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي ۾ پهريون ووٽ زمرڪ اچڪزئي وڌو. قومي اسيمبلي ۾ هن وقت تائين 341 ميمبرن مان 340 مميبرن ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتا آهن. جڏهن ته جماعت اسلامي جي عبدالاڪبر چترالي پارٽي پاليسي تحت ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، جنهن تي قانون مطابق رٽرننگ آفيسر مقرر وقت تائين انتظار ڪيو. ٻئي پاسي ووٽنگ دوران تحريڪ انصاف اڳواڻ شهريار آفريدي بيلٽ پيپر تي صحيح ڪئي، جنهن سان شهريار آفريدي جو ووٽ ضايع ٿيڻ جو امڪان آهي. پولنگ واري عمل دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. مليل ڄاڻ مطابق بلوچستان اسيمبليءَ ۾ سمورن 65 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، سن اسيمبليءَ مان 168 مان 167 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالرشيد ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو. خيبرپختونخواهه ۾ پولنگ وارو عمل سست رفتاري سان هليو، جنهن جو وزيراعظم نوٽيس ورتو. سينيٽ جي 37 سيٽن لاءِ چونڊ صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو