اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن لاءِ حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ ۽ مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني وچ ۾ قومي اسيمبلي اندر مختصر ملاقات ٿي، ٻنهي وچ ۾ ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. سينيٽ چونڊن جي سلسلي ۾ يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي پهتو ته صحافين کيس گهيري ورتو. هڪ سوال جي جواب ۾ يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته علي حيدر گيلاني جي وڊيو پلانٽڊ آهي. هڪ صحافي کانئس پڇيو ته اوهان ڪاميابي لاءِ ڪيترا پراميد آهيو؟ ان تي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان کٽي چڪا آهيون.
128