اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل واوڊا قومي اسميبليءَ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. فيصل واوڊا جي وڪيل عدالت آڏو بيان ڏنو ته سندس موڪل قومي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، هاڻي هي ڪيس پنهنجو اثر وڃائي ويٺو آهي. وڪيل فيصل واوڊا جي استعيفيٰ جي ڪاپي به پيش ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل جهانگير جدون عدالت آڏو وقف اختيار ڪيو ته جيسيتائين اسپيڪر استعيفيٰ منظور نه ڪري، تيستائين ماڻهو قومي اسيمبلي ميمبر ئي رهندو آهي، فيصل واوڊا سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي، خبر ناهي ته هن پهرين استعيفيٰ ڏني يا پوءِ؟ جهانگير جدون موقف اختيار ڪيو ته پهرين به تمام گهڻا اسيمبلي ميمبر استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن ۽ ٻيهر پارليامينٽ اچي ويندا آهن، سوال اهو ناهي ته هو هاڻي اسيمبلي ميمبر آهي يا نه پر فيصل واوڊا جو ڪوڙو قسم نامون جمع ڪرائڻ جا نتيجا آهن، فيصل واوڊا ٻٽي شهريت نه رکڻ جو ڪوڙو قسم نامون جمع ڪرايو، جنهن سان هو صادق امين ناهي رهيو، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اهڙو ماڻهو پارليامينٽ جو ميمبر نٿو رهي سگهي، اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ مان واضح آهي ته فيصل واوڊا نامزدگي ڪاغذن جي منظوري تائين آمريڪي شهري هو. فيصل واوڊا 11 جون 2018ع تي چيو ته هو ٻٽي شهريت نٿو رکي، جڏهن ته آمريڪي شهريت ڇڏڻ واري سرٽيفڪيٽ مطابق فيصل واوڊا 25 جون تي ٻٽي شهريت ڇڏي هئي. جسٽس عامر فاروق ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
156