163

جنهن کي اکيون ٻوٽي چونڊ کٽڻي هئي، اها حڪومت پريشان آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زراري جو چوڻ آهي ته جنهن کي اکيون ٻوٽي چونڊ کٽڻ گهرجي ها اها حڪومت پريشان آهي، هو هارائي رهيا آهن ۽ سندن حڪومت وڃي رهي آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان هڪ ووٽ به وڌيڪ کڻون ٿا ته اهو بونس هوندو، ڪٺ پتلي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ ايڪسپوز ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڏيکاري ڇڏيو ته هن جا پنهنجا ميمبر حڪومت کان ڊنل آهن، اسان گڏجي انهن کي هتان ڪڍنداسين. بلاول ڀٽو چيو ته اسان جي اميدوار کي نااهل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ڊي ايم عوام سان گڏ آهي، اسان حڪومت سان گڏ ناهيون، انهن جا پنهنجا ئي ميمبر ساڻن ايترا ناراض آهن جيترو عوام انهن مان خفا آهي، جنهن کي اکيون ٻوٽي چونڊ کٽڻ گهرجي ها اها حڪومت پريشان آهي، هو هارائي رهيا آهن ۽ سندن حڪومت وڃي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو