152

ڪجهه دير جي ڳالهه آهي، اسلام آباد مان حفيظ شيخ ئي ڪامياب ٿيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڪجهه دير جي ڳالهه آهي، اسلام آباد مان حفيظ شيخ ئي ڪامياب ٿيندو. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته جيڪي وڪرو ٿيندڙ هوندا آهن اهي ڳجهي ووٽنگ ۾ به وڪرو ٿي ويندا آهن، مخالف ڌر پهرين چوندي هئي ته اليڪشن ۾ حصو نه وٺنداسين، پوءِ انهن چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ هاڻي سينيٽ چونڊن ۾ به حصو وٺي رهيا آهن. علي حيدر گيلاني جي وڊيو ۽ تحريڪ انصاف پاران اٿاريل اعتراض تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اسان سڄي زندگي اهو ئي ڏٺو آهي ته چونڊ هڪ ڏينهن جي ٿيندي آهي ۽ پوءِ ماڻهو اعتراض ڪندا رهندا آهن، تحريڪ انصاف اعتراض داخل ڪري ڇڏيو آهي پر ان جو فيصلو اڄ نه ايندو، اڄ فيصلو چونڊن جو ايندو. هن چيو ته ڪنهن صوبي جي  هڪ سينيٽ واري سيٽ سان فرق نه پوندو پر مخالف ڌر اسلام آباد جي هڪ سيٽ کي سياسي معاملو بڻائي ڇڏيو آهي، اسلام آباد جي اليڪشن کي اليڪشن پلس ڪري ڇڏيو آهي، ٻين صوبن کي خبر ئي ناهي ته ڪير ڪيترا ووٽ کڻندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو