144

سينيٽ چونڊون: وزيراعظم عمران خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتو، ميمبرن سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن ۾ وزيراعظم عمران خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ پهتو ته حڪومتي ميمبرن سندس استقبال ڪيو، جڏهن ته سندس حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ايوان ۾ پهچڻ تي ووٽ وجهڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جو نالو سڏيو ويو ته وزيراعظم رٽرننگ آفيسر وٽ وڃي پنهنجو ووٽ داخل ڪرايو ۽ پوءِ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سان حفيظ شيخ ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم ايوان مان واپس هليو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو