221

حڪومت وڃي چڪي آهي پر ان کي سنڀاليندڙ وڃڻ نه پيا ڏين: آصف علي زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتو آهي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبليءَ پهتو ته مخالف ڌر جي ميمبرن سندس ڀرپور آجيان ڪئي. آصف زرداري قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي، ملاقات دوران خواجا آصف، خورشيد شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. آصف علي زرداري جنهن وقت ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهتو ته بيلٽ پيپر تي مارڪنگ دوران هٿ لڏڻ سبب نشان غلط جڳهه تي لڳي ويو، جنهن تي هن جو پهريون بيلٽ پيپر ضايع ٿي ويو، جنهن تي هن نئين بيلٽ پيپر جي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ کيس نئون بيلٽ پيپر جاري ڪيو ويو ۽ پوءِ آصف علي زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته الله مان اميد آهي، انسان مان اميد نٿي رکي سگهجي. صحافي سوال ڪيو ته اوهان اڳڪٿي ڪئي هئي ته حڪومت مارچ ۾ هلي ويندي، جنهن جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته حڪومت ته وڃي چڪي آهي، جيڪي ان کي وڃڻ نه پيا ڏين اهي کيس سنڀالي ويٺا آهن، صحافي پڇيو ته سينيٽ چونڊن ۾ به ان جو هٿ آهي؟ جنهن تي آصف زرداري کلندي جواب ڏنو ته ان جو هٿ ڪڏهن ناهي رهيو؟ صحافي سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي اهي طاقتون غيرجانبدار لڳن پيون؟ ان تي آصف زرداري کانئس سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي نظر اچي رهيون آهن؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو