اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني کٽيندو. يوسف رضا گيلاني هڪ بهتر اميدوار آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڳالهائيندي هن چيو ته يوسف رضا گيلاني ئي کٽيندو، آئين اجازت ڏي ٿو ته ڳجهي بيلٽ جي ذريعي اليڪشن ٿئي، يوسف رضا گيلاني هڪ بهترين اميدوار آهي، هن چيو ته وڊيو جو ٻاهر اچڻ صرف ڊرامو آهي. هن چيو ته آئين اجازت ڏي ٿو ته پنهنجي مرضي سان اميدوارن جي چونڊ ٿئي. اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿئي اسان ڄاڻون ٿا ته ڪير کٽيندو، رات واري وڊيو ۾ ووٽ ضايع نه ٿئي اهو سمجهايو پئي ويو، فيصلو جلد سڀني جي سامهون هوندو.
223