238

مخالف ڌر وارا پئسي جي زور تي سياست ڪندا آهن ۽ سياست ۾ اچي پئسو ڪمائيندا آهن: شهزاد وسيم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته مخالف ڌر جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا آهن، اهي پئسي جي زور تي سياست ڪندا آهن ۽ سياست ۾ اچي پئسو ڪمائيندا آهن، سسٽم کي بهتر بڻائڻ ۽ چونڊ سڌارن جي لاءِ تعاون ناهن ڪندا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سينيٽ جي چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن سميت هر فورم تي رجوع ڪيو آهي پر مخالف ڌر جي سياست جا ٻه مقصد آهن ته حڪومت ۾ اچي پئسو ڪمايو وڃي ۽ پوءِ اليڪشن ۾ پئسو لڳايو وڃي. اهي پئسي جي زور تي سياست ڪري رهيا آهن ۽ ڇانگامانگا جي سياست جي طرز تي اهي هلندا آهن، ڇو ته کين اعتماد ناهي هوندو.ان لاءِ کين اغوا ڪري هوٽلن ۾ رکندا آهن ۽ پوءِ رڍن ۽ ٻڪرين وانگر هڪلي کين ووٽ وجهڻ لاءِ آندو ويندو آهي. ڪميٽي آف دي هول ۽ ميثاق جمهوريت ۾ جيڪي ڪجهه انهن وعدا ڪيا اهي پورا ناهن ڪيا. چونڊ سڌارن ۽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ۾ تعاون ڪرڻ بدران اهي پراڻي دور جي چونڊ بدعنوانين کي پسند ڪندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو