231

انگلينڊ وومينز نيوزيلينڊ کي پهرين ٽي 20 ۾ 7 وڪيٽن تان هارائي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي وومينز نيوزيلينڊ وومينز کي پهرين ٽي 20 بين الاقوامي ڪرڪيٽ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل حاصل ڪري ورتي. ڪامياب ٽيم 97 رنسن جو آسان هدف 16 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. انگلينڊ جي ساره گلين کي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جي پهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو. انگلينڊ جي ٽيم جي بالرز جي شاندار ڪارڪردگي سبب ميزبان ٽيم جي 7 رانديگرياڻيون ٻٽو انگ پار نه ڪري سگهيون. نيوزيلينڊ وومين ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 19.4 اوورز ۾ 96 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ان انگلينڊ ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 97 رنسن جو هدف ڏنو. جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 16 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ان ڪاميابي کانپوءِ انگلينڊ جي ٽيم ميزبان وومين ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو