اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي سڄي دنيا آڏو آهي. شهباز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ واضح طور تي اليڪشن ڪميشن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سينيٽ اليڪشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻايو وڃي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته يوسف رضا گيلاني ۽ حفيظ شيخ جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو، ڪير ڪامياب ٿيندو الله بهتر ڄاڻي ٿو آئون ڪو نجومي ته نه آهيان جو وقت کان اڳ ٻڌايان، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي غير جانبدار هجڻ جي باري ۾ توهان پاڻ بهتر ڄاڻو ٿا. هن يوسف رضا گيلاني کي نواز شريف حڪومت ۾ سزائون ڏيارڻ ۽ اڄ انهن کي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته توهان جي معلومات صحيح نه آهي اسان جي دور ۾ يوسف رضا گيلاني کي سزا نه ٿي هئي، پوري معلومات کانپوءِ سوال ڪرڻ گهرجي.
250