ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو
دنيا جي پارليامينٽري نظام ۾ ٻه جمھوري ايوان ٿيندا آھن، جنھن ۾ ھڪ ھيٺيون ايوان يعني قومي اسيمبلي ۽ ٻيو ايوان بالا يعني سينيٽ هوندا آھن، پاڻ ھتي پاڪستاني پارلياماني نظام تحت ٿيندڙ سينيٽ چونڊن جو ذڪر ڪري رھيا آھيون، ١٩٧٣ع جي آئين موجب پاڪستان جي پارليامان به ٻن ايوانن يعني قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ تي ٻڌل ھوندي آھي، سينيٽ يا ايوان بالا جي ضرورت اڪثر ڪري گھڻ رياستي يا گھڻ صوبائي ملڪن ۾ پوندي آھي، پاڪستان جيئن ته گھڻ صوبائي ملڪ آھي ان ڪري پارليامان جا ٻه ايوان رکيا ويا آھن، ملڪ ۾١٩٧٣ع جي آئين موجب پھرين سينيٽ وجود ۾ آيو، جنھن جو پھريون چيئرمين حبيب الله خان مروت ٿيو، جيئن ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ٿيندا آھن، اھڙي طرح سينيٽ جا وري چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين ھوندا آھن، قومي اسيمبليءَ جون سيٽون جيئن ته آباديءَ جي بنياد تي ورھايون وينديون آھن، جنھن ڪري قومي اسيمبليءَ ۾ صوبن جي نمائندگيءَ ۾توازن نه ھوندو آھي، ان ڪري ان توازن کي برقرار رکڻ لاءِ ايوان بالا يعني سينيٽ کي وجود ۾ آندو ويو آھي، جنھن ۾ ھر صوبي کي ھڪ جيتري نمائندگي مھيا ڪئي وئي آھي، ان ڪري آئين ۽ قانونسازيءَ ۾سينيٽ جو ڪردار نھايت اھم ھوندو آھي، ڪنهن به قانون کي قومي اسيمبليءَ مان منظور ٿيڻ باوجود سينيٽ جي حمايت لازمي هوندي آھي، سينيٽ کي عام طور تي صوبن جي وچ ۾ ايوان مساوات سڏيو ۽ سمجھيو ويندو آھي، پاڪستان جي پارليامينٽ ٽن ايوانن تي ٻڌل ھوندي آھي، ھڪ قومي اسيمبلي ٻيو سينيٽ ۽ ٽيون صدر يا ايوان صدر ھوندو آھي، سينيٽ ۾ ھر صوبي کي ھڪ جيتريون سيٽون مليل آھن، سينيٽ جي ميمبر جي چونڊ جو تڪ واسطيدار صوبائي اسيمبلي ھوندي آھي، ٻين لفظن ۾ ھر صوبائي اسيمبلي پنھنجي حصي جا ميمبر چونڊي سينيٽ ۾ موڪليندي آھي، شروع ۾سينيٽ ۾ميمبرن جو تعداد ٤٥ ھو، جيڪو ١٩٧٧ع ۾وڌائي ٦٣ ڪيو ويو، وري ١٩٨٥ع ۾اھو تعداد وڌائي٨٧ ڪيو ويو، وري سن ٢٠٠٢ع ۾ ان انگ کي ١٠٠ تائين پھچايو ويو، ٢٠٠٣ع کان وٺي سينيٽ جون چونڊون لڳاتار ھر ٽئين سال کان پوءِ ٿينديون آھن، جن مان اڌ ميمبر چونڊجي رٽائرڊ ٿيندڙ ميمبرن جي جاءِ والاريندا آھن، ان بعد سن ٢٠٠٦ع ۽ پوءِ ٢٠٠٩ع وري٢٠١٢ع ان کانپوءِ وري ٢٠١٥ع ۽ ٢٠١٨ع ۾سينيٽ جون چونڊون ٿيون، ھاڻي اڄ يعني ٣ مارچ ٢٠٢١ع تي سينيٽ جون چونڊون ٿي رھيون آھن، ھر ڀيري سينيٽ جي چونڊن ۾ھر پارٽيءَ جي حيثيت تبديل ٿيندي رھي ٿي، ڇو ته عام چونڊن ۾ تعداد جي حساب سان پارٽيءَ جي حيثيت به تبديل ٿي ويندي آھي، سينيٽ کي قومي اسيمبليءَ جي مالياتي اختيارن کان سواءَ باقي ھر قانونسازيءَ تي نظر رکڻ جو اختيار آھي، جيئن ته سينيٽ جي ميمبرن کي سڌو سنئون عوامي راءِ ذريعي نٿو چونڊيو وڃي، ان ڪري ان جي ميمبرن جي چونڊ ۾ اختيار گھڻي ڀاڱي پارٽي قيادت وٽ ھجن ٿا، جن جا ميمبر صوبائي اسيمبليءَ ۾ھجن ٿا، ٻين لفظن ۾سينيٽ جو اميدوار پارٽي سربراهه جي مرضيءَ کان سواءِ سينيٽ جو ميمبر نٿو چونڊجي سگھي، جنھن ڪري مطلق العنانيءَ جو عنصر غالب رھي ٿو ۽ ذاتي پسند ۽ ناپسند جو اثر به ٿئي ٿو.
سينيٽ جي ميمبرن جو حڪومت جي ٺاھڻ ۽ ڊاھڻ ۾سڌو سنئون ڪوبه عمل دخل نٿو ٿئي، باقي ھو وفاقي وزارت ۾ وزير ٿي سگھن ٿا، آئين موجب ڪھڙين به حالتن ۾ سينيٽ ٽٽي ناھي سگھندو، ان ڪري ئي سينيٽ جا اڌ ميمبر ڇھن سالن لاءِ ۽ اڌ ميمبر ٽن سالن لاءِ چونڊيا ويندا آھن، تنھن ڪري سينيٽ جي عمر برقرار رھندي آھي، پر سندس ميمبرن جي عمر گھٽ وڌ ٿيندي رھندي آھي، باقي سينيٽ جو معمول جو ڪاروھنوار گھڻي ڀاڱي قومي اسيمبليءَ وانگر ھلندو آھي، سينيٽ ۾اسلام آباد ۽ فاٽا کي خاص سيٽون مليل آھن، جيئن ته فاٽا کي ھاڻي خيبرپختونخواهه ۾ضم ڪيو ويو آھي، پر انھن جي سيٽن جو ڪو مستقل فيصلو ناھي ڪيو ويو ۽ انھن کي جيئن جو تيئن رھڻ ڏنو ويو آھي، جيئن قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ جي قائدن ۾ وقت بوقت سڌارا ٿيندا رھن ٿا ته ملڪ جي عوام جي اڪثريتي راءِ اھا به آھي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ اڃا به سڌارن جي گنجائش آھي، ان ڏي به خاص ڏيان ڏيڻ جي ضرورت آھي، مثال طور ڪنھن به صوبي جو اميدوار ڪنھن به صوبائي اسيمبليءَ مان چونڊ وڙھي سگھي ٿو، جيڪو عمل صحيح ڪونھي، ان طريقي سان چونڊيندڙ صوبي جي عوامي نمائندگي متاثر ٿئي ٿي ۽ صوبن جي وچ ۾ برابري به قائم نٿي رھي، ھڪ صوبي جو سينيٽ جو اميدوار ٻئي صوبي جي اسيمبليءَ مان چونڊجڻ سان اتان جي زميني حقيقتن کان ناواقف ھجڻ ڪري نمائندگيءَ جو حق ادا نٿو ڪري ۽ ترقياتي فنڊن جي استعمال ۾ به گڙٻڙ ٿئي ٿي، ان ڪري جنھن صوبي جي سيٽ آھي ان تي اتان جو مقامي اميدوار ئي سينيٽ چونڊ وڙھي سگھي ته بهتر ٿيندو ۽ اهو ئي اميدوار اتان جي صوبي جي صحيح نمائندگي ڪري سگهندو.