299

سنڌ ۾ ڪڻڪ جو نئون فصل ۽ خريداري سينٽرن جي کوٽ…

ليکڪ: شاهد ڪيهر

آڳاٽا فصل پوکڻ جي حوالي سان پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ ميرپورخاص ضلعي جي تعلقن ڊگھڙي، جھڏو ۽ ڪوٽ غلا محمد ۾ ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل مارڪيٽ ۾ پهچي چُڪو آهي جڏهن ته آبپاشي کاتي پاران ناري ۾ زرعي پاڻي جي ڇوڙ ۾ دير ڪرڻ ۽ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ سبب ميرپورخاص، سنڌڙي ۽ تعلقي حسين بخش مري ۾ لابارا ڪجهھ هفتن بعد شروع ٿيڻ تي آهن ۽ مارچ مهيني جي آخري هفتي تائين انهن تعلقن ۾ پڻ ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويندو، ضلعي ۾ آڳاٽي ڪڻڪ لهڻ وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن جي واپارين سان گڏ پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي جي واپارين سميت مختلف صوبن جي شهرن کان آيل واپارين پنهنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن پهتل واپارين ڪڻڪ جي خريداري لاءِ آبادگارن سان سودا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ آبادگارن ڦٽيون ۽ ڪمند جا فصل پوکڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڪري جا سودا پڻ شروع ڪري ڏنا آهن. گذريل سال ميرپورخاص ضلعي ۾ هڪ لک 60 هزار ايڪڙ ايراضي تي ڪڻڪ جي پوکائي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪڻڪ جي بحران سبب هن سال اڳ جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک 75 هزار ايڪڙ ايراضي تي ڪڻڪ پوکي وئي آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيڻ جي باوجود ضلعي ۾ هر سال جيان ڪڻڪ جا سينٽر دير سان کلڻ جي ڪري آبادگارن واپارين سان رابطا ڪري ورتا آهن، ان ڪري ميرپورخاص مان 6 لک ۽ عمرڪوٽ مان ساڍا 3 لک ٻورين جي ٿيندڙ خريداري جو سلسلو مڪمل نه ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي فارمرز آرگنائزيشن ڪائونسل سنڌ جي چيئرمين جاويد جوڻيجي ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي نائب صدر ممتاز مري سميت ٻين آبادگارن ”سوڀ“ کي ٻڌايو ته ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪڻڪ جي آڳاٽي پوک ٿيڻ ڪري فصل ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ اڳ لهي ٿو ۽ هن سال به هن وقت مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي، ناري ۾ پاڻي دير سان کلڻ ڪري فصل هڪ مهينو دير سان لهڻ جو خدشو آهي ۽ پوري ضلعي ۾ مارچ جي آخري هفتي تائين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچي ويندي، هنن چيو ته جن تعلقن ۾ ڪڻڪ لهي وئي آهي اتي ٻين صوبن جا واپاري به خريداري لاءِ پهتل آهن ۽ حڪومت پاران اعلان ڪيل 2 هزار رپيا مڻ واري اگهه کان ڏيڍ ٻه سئو رپيا وڌيڪ اگهه تي واپاري ڪڻڪ جا سودا ڪري رهيا آهن ۽ جن آبادگارن اڃا لابارا هاڻ شروع ڪيا آهن، انهن کي به واپاري 200 رپيا وڌيڪ اگهه ڏيڻ جون آڇون ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جو اگهه سٺو مقرر ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن وقت سر خريداري سينٽر نه کليا ته گذريل سال جيان ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جو ٽارگيٽ حاصل نه ٿي سگهندو ۽ هن سال به ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. هنن چيو ته آبادگارن کي باردانو خوراڪ کاتي جي ڪامورن جي نگراني ۾ ورهائڻ بدران اها ورهاست ججن ۽ رينجرز جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي، جيئن آبادگارن کي پنهنجي حصي جو باردانو ملي سگهي، گذريل سال خوراڪ کاتي جي ڪامورن ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي هئي ۽ باردانو آبادگارن بدران واپارين ۾ ورهايو ويو هو، ڪڻڪ جي خريداري دوران غيرقانوني ڪٽوتيون ڪرڻ سان گڏ وقت سر سينٽر نه کلڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا هئا، جنهن تي حڪومت کي ويچار ڪندي جلد خريداري سينٽر کولڻ جا انتظام ڪرڻ گهرجن ۽ اهڙا سينٽر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کوليا وڃن، جيئن آبادگارن کي ڪڻڪ پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش نه اچن.عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ سان گڏ کاڌي پيتي جون شيون مناسب اگهن تي فراهم ڪرڻ ۽ مافيائن پاران هٿرادو کوٽ پيدا ڪري کيسا ڀرڻ جهڙين سازشن کي روڪڻ حڪومت جو ڪم آهي، جهڙي طرح سنڌ حڪومت آبادگارن جي پريشانين ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران وارين موجوده حالتن کي ڏسندي آبادگارن جي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جي امدادي قيمت سڄي ملڪ کان وڌائي 2 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪئي آهي، ائين اپاءَ وٺندي فوري طور تي ڪڻڪ جا خريداري سينٽر کولي آبادگارن ۾ بارداني جي حقيقي معنيٰ ۾ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ميرپورخاص سميت سنڌ جي سمورن ضلعن مان واپارين پاران ڪڻڪ جي خريداري ۽ ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ تي پابندي لڳائي گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سال جي ضرورت کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪري سرڪاري گدامن م اسٽاڪ ڪئي وڃي جيئن هلندڙ سال ڪڻڪ مافيا اٽي ۽ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪري نه سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو