231

ايف اي ٽي ايف اجلاس ۽ فرانس جي پاڪستان مخالف پاليسي….

ليکڪ: رفاقت علي

مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ بابت عالمي اداري فائننشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) 25 فيبروري تي ختم ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪستان کي ان لسٽ مان نڪرڻ لاءِ وڌيڪ 3 نقطن تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان کي ٽن سفارشن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري ان کي جون 2021ع تائين گري لسٽ ۾ئي رکيو وڃي، جون جي اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف ان تي غور ڪندو ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍيو وڃي يا ان لاءِ ڊو مور جي تقاضا ڪئي وڃي،  واضح رهي ته پاڪستان کي 2018ع ۾ گري لسٽ ۾ رکندي چيو ويو هو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي 40 سفارشن مان صرف 13 تي پورو لهي ٿو ۽ ان کي 27 سفارشن تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ سال جو وقت ڏنو ويو هو، 25 فيبروري تي ختم ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي اڃا ٽن سفارشن کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي،  جڏهن کان پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا وڌي چڙهي پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا ته انڊيا جي سينيئر وزيرن ايف اي ٽي ايف جي اجلاس کان اڳ پاڪستان جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جون اڳڪيون به ڪيون آهن پر اڃا تائين ائين ٿي نه سگهيو آهي، ايف اي ٽي ايف جي تازي اجلاس جا جيڪي اطلاع سامهون آيا آهن، انهن مطابق ان اجلاس ۾ پاڪستان جي روايتي مخالف انڊيا کان به وڌي يورپ جي هڪ بااثر ملڪ فرانس پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي آهي،  فرانس طرفان پاڪستان جي کليل مخالفت جو سبب ڪهڙو آهي؟ ڇا ان جي پويان فرانس جي انڊيا سان ٿيندڙ دفاعي اوزارن جي فراهمي وارو ٺاهه آهي يا تازن مهينن ۾ پيغمبر اسلام جي توهين وارن خاڪن جي ٻيهر نمائش تي پاڪستاني حڪومت جو ردعمل آهي، پاڪستان جي مشهور سفارتڪار ۽ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري نجم الدين شيخ جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي حوالي سان فرانس جي رويي کي انڊيا سان ان جي دفاعي سامان جي وڪري جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته فرانس جي مخالفت جو سبب سمجهه ۾ اچي ٿو. هن چيو ته فرانس انڊيا سان پنهنجي واپاري ٺاهن کي وڌائڻ جي ڪري اهڙا ڪم ڪري سگهي ٿو، جنهن سان انڊيا خوش ٿئي، لڳي ائين ٿو ته پاڪستان جي حوالي سان هندستان ۽ فرانس هڪ ئي صفحي تي آهن، انڊيا ويجهڙائي ۾ فرانس سان دفاعي پيداوار جا ڪيترائي ٺاهه ڪيا آهن، جن ۾ جديد جنگي جهاز رفال جو سودو به شامل آهي، نجم الدين شيخ سمجهي ٿو ته پاڪستان کي پنهنجي صورتحال کي سمجهندي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان کي يورپي يونين سان پنهنجن لاڳاپن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نظر اهو اچي رهيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا فرانس جي پاليسي يورپي يونين جي پاليسي سان مطابقت نٿي رکي، پاڪستان ۾ ايف اي ٽي ايف ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي سربراهه وفاقي وزير حماد اظهر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جا هاڻ گري کان بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جا امڪان ختم ٿي چڪا اهن، هن چيو ته ايف اي ٽي ايف تسليم ڪيو آهي ته پاڪستان 90 سيڪڙو سفارشن تي عمل ڪري چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته باقي ٽن نقطن تي به گهڻو ڪم اڳ ئي ٿي چڪو آهي ۽ رهيل ڪم کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان وٽ موقعو هو ته اهو ڪووڊ جي عالمي وبا جي ڪري ايف اي ٽي ايف جي ان اجلاس ۾ رپورٽ جمع نه ڪرائي ها، پر پاڪستان ائين نه ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو