214

سينيٽ جون اڄ ٿيندڙ چونڊون ۽ اليڪشن ڪميشن جو اعلان…

ليکڪ: شهزاد ملڪ

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته وقت جي کوٽ سبب 3 مارچ 3 يعني اڄ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن ۾ آئين ۽ قانون مطابق طريقيڪار يعني ڳجهي راءِ شماري اختيار ڪئي ويندي، پهرين مارچ تي اليڪشن ڪميشن جي اجلاس جي حوالي سان هڪ اعلان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي راءِ تي عمل لاءِ اي سي پي هڪ 3 رڪني ڪاميٽي ٺاهي آهي، جنهن ۾ اسپيشل سيڪريٽري ڊائريڪٽر جنرل آءِ ٽي ۽ پنجاب جي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سعيد گل کي شامل ڪيو آهي، نوٽيفڪيشن مطابق اها 3 رڪني ڪاميٽي ايندڙ چئن هفتن ۾ تجويزون پيش ڪندي ته سينيٽ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي ٿي، ان سلسلي ۾ نادرا، ايف آءِ اي ۽ آءِ ٽي جي وزارت کان به مدد ورتي ويندي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان پيشيواراڻن ۽ ٽيڪينڪل ادارن جي مدد گهربل هوندي، ڪميشن اهي سمورا قدم کڻي رهي آهي ته جيئن اڄ ٿيندڙ چونڊن ۾ بدعنواني کي روڪي سگهجي،ياد رهي ته صدر اوپن بيلٽنگ بابت سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري هئي ۽ ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي راءِ سان مشروط هڪ صدارتي آرڊيننس به جاري ڪيو هو، پاڪستان جي اعليٰ عدالت ايوان بالا جي چونڊن ۾ ڳجهي راءِ شماري برقرار رکڻ پر ووٽنگ جو عمل شفاف بڻائڻ جي راءِ ڏني هئي، سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ لاءِ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن ڳجهي ووٽنگ برقرار رکڻ جي راءِ ڏني هئي، پر حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي طرفان سپريم ڪورٽ جي ان تاريخي راءِ جي آجيان ڪئي وئي ۽ ٻئي ڌريون ان کي پنهنجي پنهنجي حق ۾ هڪ مثبت اڳڀرائي طور تي ڏسي رهيون آهن، حڪومتي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عدالت جي فيصلي سان سندن موقف کي هٿ ملي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي ووٽنگ جو عمل شفاف بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اهي رمارڪس ڏنا ويا آهن ته ووٽ سدائين ڳجهو نٿو رهي سگهي،  جڏهن ته ٻئي طرف مخالف ڌر جي پارٽين اڄ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن کان اڳ ان کي حڪومت جي هڪ وڏي شڪست قرار ڏنو آهي، اپوزيشن جو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس ذريعي جيڪو سوال موڪليو ويو هو، ان جو جواب نفي ۾ مليو آهي، چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ 4 هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو آهي ته ۽ ان ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ لکيو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سينيٽ جون چونڊون آئين تحت ۽ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هوندي ان کي شفاف بنايو وڃي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊ آئين جي آرٽيڪل 226 تحت ٿينديون، سينيٽ چونڊون آئين ۽ قانون تحت ٿين ٿيون، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها اليڪشن کي محفوظ بڻائي،چونڊ عمل مان ڪرپشن ختم ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ۽  سمورا ادارا اليڪشن ڪميشن سان تعاون جا پابند آهن، ووٽ هميشه لاءِ ڳجهو نٿو رهي، پارليامينٽ آئين ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي ۽ سمورا ادارا اليڪشن ڪميشن جا پابند آهن، فيصلي مطابق بيلٽ پيپر جو ڳجهو هجڻ حتمي نه آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي اختيارن مطابق جديد ٽيڪنالاجي ذريعي به چونڊ عمل شفاف بڻائي سگهي ٿي،

هاڻ سينيٽ چونڊ جو طريقو ڪهڙو هوندو؟ سپريم ڪورٽ جي راءِ کي ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي فتح قرار ڏئي رهيون آهن پر ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال جنم وٺي رهيو آهي ته اڄ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن ۾ هاڻ ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويندو، راءِ ڏيڻ بعد پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ فواد چوڌري سميت حڪومتي وزيرن جي وفد اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي تجويز کانپوءِ هاڻ سينيٽ جي اليڪشن ۾ سياسي پارٽين لاءِ ڳجهو بيلٽ پيپر هوندو پر اهو اليڪشن ڪميشن لاءِ ڳجهو نه هوندو ۽ هارس ٽريڊنگ ۽ ڌانڌلي جي الزامن تي اها انڪوائري ڪري سگهندي، فواد چوڌري جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي راءِ واضح آهي، ووٽ جي سڃاڻپ ٿي سگهندي، هن چيو ته پنجاب مان سينيٽر چونڊجڻ بعد هاڻ صرف 1700 جي لڳ ڀڳ بيلٽ پيپر ڇاپڻا پوندا ۽ ملڪ ۾ ڪرنسي نوٽ وانگر اهڙي ٽيڪنالاجي موجود آهي، جنهن سان اهڙا بيلٽ پيپر تيار ڪري سگهجن ٿا. جڏهن ته اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر جو چوڻ هو ته پنهنجي راءِ ۾ اليڪشن ڪميشن کي اهڙا ڪي به حڪم ناهن ڏنا، جنهن سان اهو تاثر ملندو هجي ته اها ووٽ جي سيڪريسي ختم ڪري، بي بي سي سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته فيصلي ۾ عدالت 1968ع جي هڪ ڪيس جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ عدالت جو ان وقت چوڻ هو ته ووٽ جي سيڪريسي دائمي ناهي هوندي. هن چيو ته ڳجهي راءِ جو هجڻ ئي ووٽ جي تقدس کي يقيني بڻائي ٿو، صدارتي ريفرنس ۾ عدالت کان پڇيو ويو هو ته ڇا سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ سان ٿي سگهن ٿيون، جنهن جو لارجر بينچ نه ۾ جواب ڏنو آهي. هن ٻڌايو ته ان فيصلي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جو اختلاف نوٽ وڏي اهميت وارو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته جڏهن راءِ شماري بابت آئين ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ جي چونڊن کانسواءِ سمورا ووٽ ڳجها ٿيندا ته پوءِ صدر طرفان ان قسم جو سوال ڪرڻ ٺهي ئي نٿو. هن چيو ته بدعنواني روڪڻ جو اختيار اڳ ئي اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ۽ سپريم ڪورٽ ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي ڪو حڪم جاري نٿي ڪري سگهي، جيستائين پارليامينٽ ان حوالي سان آئين ۾ ترميم نه ڪري، سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪو حڪم نامو نه ڏنو آهي، هڪ راءِ ڏني آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو صوابديدي اختيار آهي، پر حڪمران جماعت ان راءِ تي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته سپريم ڪورٽ ووٽ جي جاچ پڙتال لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هارڊ ڪوڊ يا سيريل نمبر لڳائڻ جو چيو آهي، صحافي حامد مير ٽوئيٽر تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته ان راءِ سان حڪومت بدران اليڪشن ڪميشن جو موقف صحيح ثابت ٿيو آهي، گذريل خميس واري ڏينهن ٻڌڻي دوران عدالت اهو واضح ڪيو هو ته صدر آئين جي آرٽيڪل 226 جيڪو ڳجهي ووٽنگ بابت آهي، لاءِ راءِ گهري آهي ته عدالت پاڻ کي صرف ان حد تائين محدود رکندي، جڏهن ته متناسب نمائندگي جو معاملو جيئن ته عدالت آڏو نه آيو آهي، ان ڪري ان باري ۾ ڪا به راءِ نه ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو