252

سينيٽ چونڊ: وزيراعظم عمران خان پاران شهريار آفريدي جو ووٽ ضايع ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن دورنا شهريار آفريدي جو ووٽ ضايع ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽن مطابق ڪشمير معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي پنهنجو ووٽ ضايع ٿيڻ بابت وزيراعظم کي اطمينان جوڳو  جواب ڏئي نه سگهيو، جنهن تي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سڀني کي طريقيڪار ٻڌايو ويو هو ته ووٽ ڪيئن ڪاسٽ ٿيندو، اوهان کي اهڙي غلطي نه ڪرڻ گهرجي ها. وزيراعظم شهريار آفريدي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان کي خبر ناهي ته ڪهڙي ريت ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي، اوهان ايم اين اي آهيو، اهڙي غلطي ڪيئن ڪئي؟ ٻئي پاسي شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته پرزائيڊنگ آفيسر کي ٻيهر بيلٽ پيپر ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي، منهنجي درخواست تي فيصلو آر او کي ڪرڻو آهي، جنهن جو انتظار آهي، جڏهن ته وزيراعظم پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو