اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو، حڪومت چيو آهي ته خبر پوندي ته ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پارٽي ۽ وزيراعظم عمران خان گڏيل طور تي اهو فيصلو ڪيو آهي ته هن ايوان مان اعتماد جو ووٽ ورتو ويندو، اڄوڪو ڏينهن جمهوريت لاءِ افسوس جو مقام آهي،جيڪي جمهوريت جا علمبردار هئا،انهن جمهوري قدرن کي چيڀاٽيو آهي اسان پنهنجي نظريي تي قائم آهيون، هن چيو ته اهي پاڻ ۾گڏ ٿي ويا آهن،رڳو ڀڄڻ جي سياست ڪن پيا،اسان اهڙي سياست کي دفن ڪنداسين،وزيراعظم کي حوصلو آهي ته ميمبرن جون ڳالهيون ٻڌندو آهي، جيڪڏهن ميمبر ناراض هئا ته اٿي هليا وڃن ٿا،حق ۽ باطل جي جنگ اسان وڙهندا رهنداسين،ان معاملي تي نه اڳ ڪڏهن خاموش ٿيا آهيون نه هاڻي خاموش ٿي ويهنداسين، جڏهن ته وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل جو چوڻ هو ته غير حتمي طور 7 ووٽ رد ٿيا آهن،5 ووٽن جو فرق آهي،اسان انهن نتيجن کي چئلينج ڪنداسين،جلد درخواست داخل ڪئي ويندي، هڪ خانگي ٽي وي موجب وزيراعظم عمران خان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ صدر مملڪت کي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ مشورو اڄ موڪليندو، قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس کي وزيراعظم جي بي اعتماد واري تحريڪ ۾تبديل ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
243