اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ملاقات ڪئي، جڏهن ته ان دوران مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ خواجه آصف ۽ پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه پڻ موجود هو، ان موقعي تي ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت وڃي چڪي آهي ان کي سنڀاليندڙ وڃڻ نه پيا ڏين، صحافي کائنس سوال ڪيو ته اوهان اڳڪٿي ڪئي هئي ته حڪومت مارچ ۾ هلي ويندي؟، جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته اهي کيس سنڀالي ويٺا آهن، جڏهن ته صحافي کائنس ٻيو سوال ڪيو ته سينيٽ چونڊن ۾ به انهن جو هٿ آهي، جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته انهن جو هٿ ڪڏهن ناهي رهيو؟، صحافي کائنس پڇيو ته ڇا اوهان کي اهي طاقتون غيرجانبدار لڳن پيون؟، جنهن تي آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ڇا اوهان کي نظر اچي رهيو آهي؟، ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جو چيئرمين ڪرڻ بابت فيصلو پي ڊي ايم ئي ڪندي. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو مارجن گهٽ آهي، وڌيڪ هجڻ گهرجي ها، 5 ووٽ گهٽ مليا، اسان کي 20 سيٽون ملڻ جي اميد هئي، 5 ووٽن جي گهٽ سوڀ آهي، ڪجهه ماڻهو مون وٽ آيا هئا مون چيو انهن کي ڀڄائي ڇڏيو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته الله جو ڪرم آهي ته صحت ڪجهه بهتر آهي، علاج هلي پيو اسلام آباد ۾ پڻ علاج ڪرائڻ ئي آيو آهيان. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته ڀلي ٽوڙي اسان ان لاءِ پڻ تيار آهيون.
![](https://dailysobh.com/wp-content/uploads/2021/03/157362704_133096275380662_8136880439126169853_n-1-679x320.jpg)