162

گيلاني کي مبارڪون، جعلي وزيراعظم اعتماد وڃائي چڪو آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد(م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته جعلي وزيراعظم اعتماد وڃائي چڪو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سليڪٽڊ ۽ جعلي وزيراعظم کي اڄ ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، پي ڊي ايم جي تحريڪ دوران عوام اڳ ۾ ئي سليڪٽڊ کي رد ڪري چڪو هو، يوسف رضا گيلاني جي تاريخي فتح وزيراعظم جي مينڊيٽ کي هميشه لاءِ ختم ڪيو آهي، هاڻي عمران خان فوري طور استعيفيٰ ڏئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو