245

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي رمارڪس ڏنا ته توهان چيو هو ته اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ رکيو ڇاڪاڻ ته سندس خلاف جاچ هلي رهي آهي پر رڪارڊ مطابق هن وقت سندس خلاف ڪابه جاچ نه پئي هلي، وفاقي حڪومت کي ڇوٽ ته ناهي مليل جو هر ڪنهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏي. ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر موقف اختيار ڪيو ته بچاءَ واري وزارت جا نمائندا موجود آهن اهي بيان ڏئي سگهن ٿا، جنهن تي جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته ڪنهن کي به گهرائڻ جي ضرورت ناهي، مون رڪارڊ ڏسي ورتو آهي ۽ رڪارڊ مطابق اسد دراني خلاف ڪابه جاچ نه پئي ٿئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته درخواستگذار ٿري اسٽار جنرل رٽائرڊ ۽ اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ رهيو آهي، هاڻي هو هڪ عام شهري آهي ۽ کيس آئين ۾ ڏنل سمورا حق حاصل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو