267

حفيظ شيخ جي شڪست: وزيراعظم سڀ مصروفيتون ڇڏي سينيئر پارٽي اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن جي نتيجن کانپوءِ پنهنجون سموريون مصروفيتون ڇڏي سينيئر پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان سينيئر پارٽي اڳواڻن ۽ وزيرن کي وزيراعظم هائوس طلب ڪري ورتو آهي، اڄ منجهند رٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان حفيظ شيخ جي شڪست جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ بريفنگ وٺندو ۽ اعتماد جو ووٽ وٺڻ بابت پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪندو. اجلاس ۾ حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم جي تحريڪ جو جائزو ورتو ويندو، جنهن کانپوءِ اهم فيصلن جو امڪان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو